جنهن سڀ ڪجهه وڃايو انهن لا مدد طور 25 هزار رپيا به وڏي اهميت ۽ معنيٰ رکن ٿا، اهڙو اظهار وفاقي وزير ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن شازيا مري ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته ٻوڏ متاثر ڪٽنبن کي رليف ڪيش امداد تحت 25- 25 هزار رپيا ڏنا ويندا، هي پيسا انهن لاءِ وڏي اهميت رکن ٿا جيڪي ٻوڏ سبب سڀ ڪجهه وڃائي ويٺا آهن، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام غير معمولي حالتن باوجود مختصر عرصي ۾ 9 لک 46 هزار 813 متاثر ڪٽنبن ۾ 23 ارب رپين کان وڌيڪ امداد ورهائي چڪو آهي. هن وڌيڪ چيو ته اها اعزاز جي ڳالهه آهي ته وزيراعظم ڪيش رليف ورهائڻ لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چونڊ ڪئي، بي آئي ايس پي جون مانيٽرنگ ٽيمون رليف جي ورهاست واري عمل ۾ شفافيت کي يقيني بڻائي رهيون آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close