اسلام آبادپاڪستان

گم ٿيل ماڻهو اڄ بازياب نه ٿيو ته ايجنسين جي اختيارين کي طلب ڪبو:چيف جسٽس

اسلام آباد:سلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس آئي جي اسلام آباد کي لاپتا شهري حسيب حمزا کي اڄ اربع جي صبح 10 وڳي تائين عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. چيف جسٽس چيو آهي ته گم ٿيل ماڻهو کي اڄ بازياب نه ڪيو ويو ته ڳجهين ايجنسين جي اختيارين کي طلب ڪنداسين. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيف جسٽس اطهر من الله غائب شهري حسيب حمزا جي بازيابي لاءِ داخل درخواست تي شنوائي ڪئي. آئي جي اسلام آباد به عدالت ۾ پيش پيو. عدالت ۾ آئي جي اسلام آباد ٻڌايو ته حسيب حمزا جي گمشدگي تي ايف آئي آر داخل ٿي چڪي آهي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته آئي جي صاحب هي برداشت کان ٻاهر آهي، غائب ماڻهن بابت پهريان هڪ فيصلو موجود آهي. فيصلي ۾ قرار ڏنو هو ته آئي جي ۽ لاڳاپيل آفيسر ذميوار هوندا. هاءِ ڪورٽ چيو ته 23 آگسٽ کان ماڻهو گم آهي، هاڻي هي عدالت هن فيصلي مطابق ئي ويندي. چيف جسٽس آئي جي کي اڄ اربع جي صبح 10 وڳي تائين غائب شهري کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button