اسلام آبادپاڪستانخيبرپختونخوا

بلين ٽري سونامي رٿا ۾ 3 ارب 49 ڪروڙ کان وڌيڪ ڪرپشن جو انڪشاف

اسلام آباد : آڊيٽر جنرل آف پاڪستان تحريڪ انصاف جي فليگ شپ 10 بلين ٽري سونامي پروجيڪٽ جي 3 سالن جي آڊٽ ۾ 3 ارب 49 ڪروڙ 35 لک روپين کان وڌيڪ جي ڪرپشن جو انڪشاف ڪيو ويو آهي. آڊيٽر جنرل طرفان هڪ ارب 25 ڪروڙ 90 لک روپين جي خرچ کي شڪي ۽ 98 ڪروڙ 29 لک روپين جي خرچن کي فرضي ۽ جعلي قرار ڏنو ويو آهي. ذميوارن خلاف ڪارروائي جي به تجويز ڏني وئي آهي. رپورٽن موجب آڊيٽرز هڪ ارب 25 ڪروڙ 90 لک روپين جي خرچن کي شڪي ۽ 98 ڪروڙ 29 لک روپين جي خرچن کي فرضي ۽ جعلي قرار ڏنو آهي. تقريبن هڪ ارب 25 ڪروڙ 16 لک جي خرچن کي غيرقانوني ۽ غير ضروري قرار ڏنو ويو آهي. رپورٽ ۾ اصل ڪاميابين جي ابتڙ جعلي، فراڊ ۽ وڌيڪ رپورٽنگ کي بي نقاب ڪيو ويو آهي. دستاويزن موجب 16 هزار 953 هيڪٽر تي مختلف سرڪلز ۾ قائم اڳوڻي بلين ٽرين سونامي پروجيڪٽ جي انڪلوزر کي 10 بلين ٽري سونامي جي حصي جي طور تي ڏيکاريو ويو هو جنهن سبب قومي ناڻي کي 30 ڪروڙ 55 لک روپين جو نقصان پهتو. رپورٽ موجب جعلي ۽ ضرورت کان وڌيڪ رپورٽنگ، چترال، دير، ڪوهستان، لوئر دير، مالاڪنڊ، ڪنهار، واٽرشيڊ، اونهارو واٽر شيڊ ۽ فاريسٽ ڊويزن ۾ ڪئي وئي. آڊٽ رپورٽ ۾ ذميوارن خلاف اعليٰ سطحي جاچ سان گڏوگڏ فوري طور تي 15 ڪروڙ 53 لک روپين جي ريڪوري جي سفارش ڪئي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button