اسلام آبادپاڪستان

ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ 25 هيلٿ ڪئمپن ۾ امداد ڏيون پيا:عبدالقادر پٽيل

اسلام آباد : صحت واري وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل جي خاص هدايت تي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ هيلٿ ڪئمپون لڳائڻ جو سلسلو اڱاري تي به جاري رهيو. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته هيلٿ ڪيمپون قومي ۽ صوبائي پوليو ايمرجنسي آپريشنز سينٽرز ۽ آغا خان اسپتال جي سهڪار سان لڳايون پيون وڃن. هن چيو ته خيبرپختونخوا ۾ 16، پنجاب ۾ 4 ۽ سنڌ ۾ 5 هيلٿ ڪئمپن ۾ طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي. وفاقي وزير چيو ته هيلٿ ڪئمپن ۾ صحت جي بنيادي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته ڪئمپن ۾ دوائون ۽ ٻارڙن جي ويڪسينيشن ڪئي پئي وڃي. عبدالقادر پٽيل چيو ته چمڙي جون بيماريون، اکين جو انفيڪشن، اينٽي ڊائريا جون دوائون به فراهم ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته صحت واري وزارت صوبائي حڪومت سان گڏجي ٻوڏ متاثرن کي طبي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ پڪو پهه ڪري ڇڏيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button