پاڪستانسنڌ

دادو ضلعي کي ٻوڙڻ جو ذميوار مراد علي شاهه آهي: قمبر علي لغاري

راڌڻ: پ پ اڳواڻ ۽ ٽائٔون ڪاميٽي سيتاروڊ جي اڳوڻي چيئٔرمين قمبر علي لغاري راڌڻ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته سڄو دادو ضلعو ٻڏو آهي ۽ ماڻھون بي گهر ۽ دربدر ٿيا آهن، جنهن جو ذميوار وڏو وزير مراد علي شاهه آهي، مان بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف علي زرداري کي اپيل ڪندس ته فوري طور تي نااھل وزيراعلى کي عھدي تان ھٽايو وڃي، ٻوڏ سبب اسان جي پارٽي جي ساک ھاڻي ڏاڍي ڪري پئي آهي، اوھان کي ماڻھو نٿا ٻڌائن ڇو ته اوھان جي اردگرد اھڙن ماڻھن جو گھيرو آهي، انھن مان اوھان نٿا نڪري سگھو.

مان شھيد راڻي جي سچي ڪارڪن جي حيثيت ۾ اوھان کي ٻڌايان ٿو ته دادو ضلعي جا ماڻھو ڏاڍي تڪليف ۾ آهن، خيرپور ناٿن شاھه سان جيڪو عذاب ٿيو، قدرت ڪڏهن به ھنن کي معاف نه ڪندي، ھي ٻوڏ متاثر غريب بندن روڊن تي بي يار مددگار ويٺا آھن، پردي دار نياڻين لا باٿ روم ٺھيل نه آهن، خوراڪ ٽينٽ نٿو ملين، ھي ڪرپٽ ڊي سي ھر روز ٻه ٽي ڪروڙ رپيا ڇاتي ٿو خرچ ڪري، جيڪي ھو روز بينڪ مان ٿو ڪڍي، هن مطالبو ڪيو ته جلد سي ايم سنڌ ۽ ڪجهه وزيرن کان استعفائون ورتيون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button