اسلام آبادپاڪستان

عارف نقوي جي ڪمپني کي بنا معاهدي گئس ڏيڻ جو انڪشاف

اسلام آباد : اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي حڪومت ۾ مالي سال 2021-22 جي آڊٽ رپورٽ ۾ مالي گهوٻيون سامهون آيون آهن. تحريڪ انصاف جي مبينا سياسي فنڊنگ ڪندڙ عارف نقوي جي ڪمپني ڪي اليڪٽرڪ کي ٽن سالن ۾ بغير ڪنهن معاهدي جي 174 ارب رپين جي آر ايل اين جي فراهم ڪئي وئي. عمران خان جي دور ۾ وزيراعظم جي ويجهي ساٿي ۽ تحريڪ انصاف جي مبينا فنانسر عارف نقوي جا وارا نيارا ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ڪنهن به معاهدي جي بغير ئي عارف نقوي جي ڪمپني ڪي اليڪٽرڪ کي ٽن سالن ۾ 173 ارب 74 ڪروڙ رپين جي آر ايل اين جي سپلاءِ ڪئي وئي. خانگي ٽي وي مطابق آڊٽ رپورٽ 2021-22 مطابق پي ٽي آئي حڪومت جي شفافيت کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽ ۾ٻڌايو ويو ته ڪي اليڪترڪ کي بنا ڪنهن معاهدي جي هڪ لک ڪيوبڪ فوٽ گئس سوئي سدرن ڪمپني جي ذريعي فراهم ڪئي وئي. انتظاميا ڪيترائي ڀيرا پڇڻ جي باوجود ڪنهن معاهدي جو رڪارڊ پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رهي. آڊٽ رپورٽ ۾ گئس ڪمپنين جي اربين رپين جون مالي گهوٻيون سامهون اچي ويون. سوئي سدرن ۽ سوئي نادرن ۾ گئس چوري ۽ ليڪيج جي مد ۾ 36 ارب رپين کان وڌيڪ نقصان ٿيو. هي مالي خسارو صارفين کان وڌيڪ بل اڳاڙي پورو ڪيو ويو. جڏهن ته باقيدارن کان گئس ڪمپنيون 58 ارب رپين جي رڪوري ۾ ناڪام به رهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button