پاڪستانسنڌ

ڄامشورو جي ڊي سي خلاف ٻوڏ متاثرن جو احتجاجي ڌرڻو

ڪوٽڙي: ڊي سي ڄامشورو جي آفيس آڏو مختلف سياسي، سماجي ڌرين ۽ ٻوڏ متاثرن واھر نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو هنيو، ڪوٽڙي ۾ آيل مختلف علائقن جي ٻوڏ متاثرن واھر نه ٿيڻ خلاف ڊي سي ڄامشورو جي آفيس آڏو ڌرڻو ھڻي زوردار نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ يونس اوٺو، ديدار شام، مختيار چنا، قاري وزير مجاهدي ۽ ٻين چيو ته سنڌ سرڪار ۽ ڊي سي ڄامشورو ٻوڏ متاثرن جي واھر ڪرڻ ۾ مڪمل طرح سان ناڪام ٿي چڪا آھن، سنڌ سميت ڄامشورو ۽ گلشن شهباز ۾ هزارين ٻوڏ متاثر بي يارو مددگار ويٺل آھن.

ماروئڙن جا ڏک سور ڏسي پٿر دل به روئي پوندو آھي پر حڪمران ۽ انتظامي ڌريون اکيون بند ڪيون ويٺيون آھن. ڊي سي من پسند ماڻهن کي راشن ڏئي ٿو، ٽينٽ ڏئي ٿو پر عملي ڪم ناهي، جڏھن ته متاثر کلي آسمان ھيٺ بي يارو مددگار ويٺل آھن، ڪئمپ تي علاج جون سهولتون ناهن، عورتون ۽ ٻارڙا بکن سميت بيمارين ۾ وٺجي ويا آھن، حڪومت اکيون کولي. ھنن مطالبو ڪيو ته ڊي سي ڄامشورو کي ھٽائي متاثرن جي واھر ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button