پاڪستانسنڌ

جوهي ۾ مليريا تي ڪنٽرول نه ٿيو، هڪ ڏينهن اندر 3 ڄڻا فوت

جوهي: جوهي تعلقي اندر مليريا تي ضابطو نه اچي سگهيو، هڪ ڏينھن ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا، جوهي جي سرڪاري توڙي نجي ميڊيڪل اسٽورن تان مليريا جون دوائون به اڻلڀ ٿي ويون، صحت کاتي طرفان ڪي به اپا نه ورتا ويا، مليريا بخار جا مريض پريشان ٿي ويا، جوهي لڳ ڳوٺ الهبچايو پنهور واسي 21 ورهين جو نوجوان بهادر پٽ اسماعيل پنهور مليريا وگهي فوت ٿي ويو آھي، جڏھن تي ساڳئي ڳوٺ ۾ پيرسن غلام رسول پنهور به مليريا وگهي فوت ٿي ويو. ٻئي طرف جوهي شھر واسي نوجوان شاھد حسين کوسو مليريا وگهي فوت ٿي ويو آھي.

وارثن موجب جوهي اسپتال ۾ سرڪاري دوائون ته پري جي ڳالھه نجي ميڊيڪل اسٽور تان مليريا جون دوائون اڻلڀ ٿي ويون آھن، جنهن سبب مليريا ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي، صحت کاتي کي گهرجي ته فوري طور تي جوهي تعلقي ۾ ميڊيڪل ڪيمپ قائم ڪري ٻوڏ متاثرن کي مليريا جون دوائون مهيا ڪري. هوڏانهن تعلقي هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر زبير پنهور ٻڌايو ته 100 بخار جا ڪيس اچن ٿا ته ان ۾ 90 سيڪڙو مليريا جا مريض آھن، مٿان کان دوائون نٿيون ملن، هتي نجي ميڊيڪل اسٽورن تي پڻ دوائون اڻلڀ آھن، اهي به بليڪ تي وڪرو ڪري رهيا آھن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button