پاڪستانسنڌ

فريدآباد ۾ ٻوڏ متاثرن جو واھر نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

فريدآباد: فريدآباد ۾ ٻوڏ متاثرن واھر نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، انتظاميا خلاف زبردست نعريبازي ڪئي وئي. خبر موجب فريدآباد جي ڳوٺ گاھي خان سيلرا ۽ ڳوٺ شاھنواز عباسي جي ٻوڏ متاثرن پنهنجن ئي ڳوٺن ۾ واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي، ان موقعي تي ٻوڏ متاثرن قاسم علي خاصخيلي، ياسر خاصخيلي، بلاول خاصخيلي، رضا محمد سيلرو، محمد عرس خاصخيلي، مجيد خاصخيلي، محمد عرس بروھي، عرفان خاصخيلي، اياز خاصخيلي، منير خاصخيلي، عبدالطيف خاصخيلي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته ڏيڍ مھيني کان بندن ۽ پنهنجي ٻڏل گھرن ۾ ويٺا آهيون، گھر ٻڏي ويا آهن، ھر شي تباھه ٿي وئي آهي پر افسوس جو ڪير به پڇڻ وارو ناھي.

هنن چيو ته چوپايو مال به مري رھيو آهي، ھزارين مرد، عورتون ۽ ٻارڙا بکن ۾ پاھه ٿي ويا آهن، ڳوٺن ۾ نانگن جو آزار به وڌي ويو آهي پر ڪير به سرندي وارو لڙي ناھي آيو. ھنن وڌيڪ چيو ته بيمارين منهن ڪڍيو آهي، پئئڻ جو پاڻي ۽ دوائن جي کوٽ آهي. ٻوڏ متاثر بي يارو مددگار ويٺل آهن. چونڊيل نمائندن ۽ ڊي سي دادو کي ڏٺو ئي ناهي. ھنن اپيل ڪئي ته راشن، ٽينٽ ڏنا وڃن ۽ اسان مسڪينن جي به واھر ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button