پاڪستانسنڌ

جهڏو لڳ سماجي تنظيم پاران ٽينٽ سٽي قائم، متاثرن ۾ راشن ۽ سامان ورهايو ويو

جهڏو: جهڏو لڳ ڳوٺ حيات خاصخيلي ويجهو سماجي تنظيم ٿر-دي هيوئن ائڊ رزالو پاران ٻوڏ متاثر ماڻھن جي رهائش لاءِ ھڪ سئو ٽينٽن تي ٻڌل ٽينٽ سٽي قائم ڪيو ويو، جنهن ۾ رهندڙ ماڻهن کي راشن ۽ ٻيو سامان ڏئي پڪل کاڌو به ورهايو ويو. ان موقعي تي ڳالهائيندي سماجي تنظيم جي اڳواڻ محمد جوڻيجو چيو ته دي هيومن ائڊ رزالو جي ٽيم ٻوڏ متاثرن ۾ رليف جو ڪم ڪري رهي آھي، ڪافي خاندان اجهو نه هئڻ سبب کليل آسمان هيٺ ويٺل آھنل اسان جي آرگنائزيشن پنهنجي دوست تنظيمن جي تعاون سان ڳوٺ حيات خاصخيلي لڳ ٽينٽ سٽي قائم ڪري متاثرن کي سهولتون ڏنيون ويون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button