پاڪستانخيبرپختونخوا

سوات ۾ بم ڌماڪو، امن ڪميٽي جي ميمبر سميت 5 ڄڻا مارجي ويا

سوات: سوات جي علائقي برهه بانڊئي ڪوٽڪي ۾ ڌماڪو ٿيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ پنج ڄڻا شهيد جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته بم حملي ۾ امن ڪميٽي جي ميمبر ادريس خان سميت پنج ڄڻا مارجي ويا آهن، زخمين کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس ٻڌايو ته شروعاتي اطلاعن موجب ڌماڪو ريموٽ ڪنٽرول ذريعي ڪيو ويو آهي، شهيدن ۾ ٻه پوليس اهلڪار پڻ شامل آهن. ان سلسلي ۾ ڊي پي او سوات ٻڌايو ته امن ڪميٽي جي ميمبر جي گاڏي تي ريموٽ ڪنٽرول بم ڌماڪو ڪيو ويو، پوليس علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته مارجي ويلن جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن. ڪجهه پوليس اختيارين جو چوڻ هو ته ادريس خان جي گاڏي کي ٽائيم ڊيوائس وسيلي نشانو بڻايو ويو، جنهن ۾ هو شهيد ٿي ويو جڏهن ته سندس به محافظ به حياتيون وڃائي ويٺا. هن وڌيڪ چيو ته دهشتگردن جي گرفتاري لا پوليس علائقي جو گهيرو ڪري ڇڏيو آهي، کين جلد .گرفتار ڪيو ويندو

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button