اسلام آبادپاڪستانسنڌ

ٻوڏ وارن علائقن ۾ موڪل واري ڏينهن به بئنڪون ڪم ڪن:وزيراعظم پاران هدايت

اسلام آباد :وزيراعظم شهباز شريف اسٽيٽ بئنڪ کي هدايت ڪئي آهي ته ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ موڪل واري ڏينهن به بئنڪون ڪم ڪن. اڱاري تي وزيراعظم شهبازشريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ حڪومتي ڪوٽا تي حاجين جي اوور بڪنگ جي معاملي جي انڪوائري رپورٽ تي بحث ڪيو ويو. پڌرائي مطابق ڪميٽي ۾ ناڻي واري وزارت، مذهبي معاملن واري وزارت ۽ اسٽيٽ بئنڪ جا نمائندا شامل هئا. وزيراعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته اوور بڪنگ جي معاملي تي مفاهمت جا مسئلا هئا ڪنهن قسم جي بدنيتي جا ثبوت ناهن مليا. بئنڪن پاران حاجين کي معاوضي جي رقم ادا ڪئي وئي آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته بئنڪن کان اهو ضرور پڇيو وڃي ته انهن هن معاملي ۾ لاپرواهي ڇو ڪئي. پڌرائي مطابق ان موقعي تي وزيراعظم اسٽيٽ بئنڪ کي هدايت ڪئي ته ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ موڪل واري ڏينهن به بئنڪون ڪم ڪن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button