پاڪستانسنڌ

خانپورمهر ويجهو ٽريڪٽر ٽرالي جي ٽڪر ۾ عورت چيڀاٽجي فوت

خانپورمهر: خانپورمهر ويجهو شاھپورمهر روڊ تي پڪي کوهي اسٽاپ وٽ ٽريڪٽر ٽرالي جو موٽر سائيڪل سان ٽڪر ٿي پيو، حادثي جي نتيجي ۾ ڳوٺ مَنو مهر واسڻ نَامُئي زال لياقت مهر چيڀاٽجي فوت ٿي وئي، جڏهن سندس ڀاءُ حاڪم مهر زخمي ٿي پيو، حادثي بعد ڊرائيور فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. اطلاع تي خانپورمهر پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ٽريڪٽر ٽرالي کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو. هوڏانهن فوتي عورت جو مڙهھ گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. ٻي پاسي زخمي کي مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته حادثي جو شڪار خانپورمهر شهر وڃي رهيا هئا ته واقعو پيش آيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button