پاڪستانسنڌ

خيرپور ۾ 3 اهلڪارن جي قتل ڪيس ۾ 10 جوابدارن کي 4،4 ڀيرا عمر قيد

خيرپور: خيرپور جي دھشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج انعام علي ملڪ حملو ڪري 3 پوليس اهلڪارن کي گوليون هڻي شهيد ڪرڻ ۽ ٽن اهلڪارن کي زخمي ڪرڻ جو ڪيس ثابت ٿيڻ تي 10 جوابدارن کي 4، 4 دفعا عمر قيد 28،28 لک ڏنڊ ۽ جوابدارن جي سموري ملڪيت ضبط ڪرڻ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. 2016ع ۾ جوابدار وزير جمالي، حبيب الله ناريجو، شان ناريجو، عبدالمجيد ناريجو، عبدالوحيد الرو، راجه اوڍو، صاحب ناريجو، ڀائي خان ناريجو، وسيم ناريجو، روشن ناريجو ڪچي جي علائقي فيض محمد ناريجو ٿاڻي جي حد ۾ پوليس پارٽي مٿان حملو ڪري 3 پوليس اهلڪارن مبارڪ علي، مختيار علي، عطا محمد ڀٽو کي گوليون هڻي شهيد ڪيو ھو ۽ پوليس اهلڪارن محمد يونس، الهڏنو، الطاف علي کي زخمي ڪيو، جڏهن ته پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ جوابدار بلو ناريجو مارجي ويو هو ۽ ٻه اڻڄاتل جوابدار زخمي ٿي پيا هئا، جن کي ساٿي جوابدار فائرنگ ڪندي مارجي ويل جوابدار ۽ زخمين کي کڻي فرار ٿي ويا هئا، بعد ۾ جوابدارن کي گرفتار ڪري دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو هو. جڏهن ته جوابدارن کي پوليس جي سخت پهري هيٺ سينٽر جيل منتقل ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button