اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

فيول ايڊجسٽمنٽ معاف ناهي ڪئي،ملتوي ڪئي آهي:خرم دستگير

اسلام آباد: توانائي واري وفاقي وزير خرم دستگير خان چيو آهي ته بجلي جي بلن ۾ فيول ايڊجسٽمنٽ معاف نه آهي، تاريخ وڌائي وئي آهي، جيڪا آڪٽوبر کان مارچ وچ ۾ اوڳاڙي ويندي. ڪالهه صحافين سان ڳالهائيندي خرم دستگير چيو ته 300 يونٽن تائين بجلي صارفين جو فيول ايڊجسٽمنٽ ختم نه آهي پر تاريخ وڌائي وئي آهي. درآمدي فيول بدران مقامي ذريعن سان بجلي پيدا ڪرڻ جا منصوبا لڳايا ويندا، جنهن سان بجلي جي قيمت گهٽ ٿيندي. هن چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته گهٽ وسيلن وارن ماڻهن کي رليف ڏنو وڃي، اسان مالي حالتن کي ڏسي پاليسي جوڙي رهيا آهيون. وفاقي وزير چيو ته اسان سولر، ڪول ۽ پاڻي سان بجلي پيدا ڪرڻ وارن منصوبن کي جلد مڪمل ڪرڻ چاهيون ٿا، جنهن سان بجلي جي قيمت گهٽجي ويندي. خرم دستگير چيو ته ٻهراڙي وارن علائقن ۽ سرڪاري عمارتن کي سولر تي آندو ويندو. 600 ميگاواٽ جو پهريون منصوبو اڄ سيڙپڪارن جي سامهون رکيو ويندو. جيڪو گهٽ قيمت ڏيندو، ان کي هي منصوبو ايوارڊ ڪيو ويندو. توانائي واري وزير چيو ته درآمدي فيول تي بجلي ڪارخانا نه لڳايا ويندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button