پاڪستانسنڌ

ڪلوئي لڳ سم نالو اوور ٽاپ، 100 ڳوٺن ۾ پاڻي داخل، لڏپلاڻ

ڪلوئي: ڪلوئي لڳ زيرو پوائنٽ وٽان هاڪڙو پراڻ ۽ سم نالو اوور ٽاپ ٿي ويو، جنهن سبب مختلف علائقن ۾ پاڻي داخل ٿي ويو. رپورٽ موجب ڪلوئي تعلقي جي مختلف علائقن ۾ هاڪڙو پراڻ ۽ ايل بي او ڊي سم نالي جو پاڻي داخل ٿي ويو آهي، جنهن ڪري مختلف ڳوٺن مان ڪاڻهن لڏپلاڻ شروع ڪري ڇڏي آهي، ڪيترائي ماڻهو نئون ڪوٽ قلعي، ستون ميل ۽ ڀٽن تي پهچي پناهه ورتي، سرڪار جي بي ڌياني سبب ماڻهو آزار ۾ اچي ويا. ڀٽارو جي ڳوٺ مير خان لنڊ، مولوي عبدالرحيم لنڊ، حاجي صديق دل، ارباب انور فارم، رحيم خان نوتڪاڻي، غلام محمد ٻٻر، نصير ہنگورجو، ممتاز چانڊيو ۽ عيسن چانڊيو سميت هڪ سئو کان وڌيڪ ڳوٺن ۾ هاڪڙو پراڻ ۽ ايل بي او ڊي سم نالي جو پاڻي اوور ٽاپ ٿي داخل ٿي ويو آهي، جنهن سبب لڏپلاڻ ڪري روڊن رستن ۽ ڀٽن تي ويٺل متاثرن کي ضلعي انتظاميا راشن، خيما يا ٻيو سامان ناهي ڏنو. ڊگهو سفر ڪري سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندڙ ايل بي او ڊي سم نالو ڪلوئي تعلقي مٿان تلوار جيان لٽڪيل آهي. رابطو ڪرڻ تي ڊي سي ٿرپارڪر عبدالحفيظ سيال چيو ته اسان متاثر علائقن جي سروي ڪري رهيا آهيون، جلد رليف وارو ڪم شروع ڪيو ويندو، سروي بعد رليف وارو ڪم شروع ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button