پاڪستانسنڌ

جهڏي شهر ۾ اڃا تائين 6 فوٽ پاڻي بيٺل، پراڻ ڍورو اوور ٽاپ

جهڏو: جهڏو مان گذرندڙ پاڻي جي قدرتي وهڪري پراڻ ڍورو جي پاڻي ۾ چاڙهه برقرار آهي، ڍوري جو پاڻي مختلف هنڌن 316 بند، مير جو باغ، سخي تاج محمد درگاهه، حيات خاصخيلي ۽ ٻين هنڌن تان اوور ٽاپ ٿيڻ شروع ٿي ويو آهي. اڳ ۾ ٻڏل شهر جي مختلف علائقن شيدي پاڙي، حاجي عاشق ڪالوني، هاشم ڪالوني، کوسا پاڙي ۽ غلام حسين ڪالوني سميت سوين ڳوٺن ۾ بدستور 3 کان 6 فوٽ تائين پاڻي بيٺل آهي، جنھن سبب رهواسي سخت پريشان آهن. ھوڏانھن سياسي سماجي ڌرين ۽ چونڊيل نمائندن علائقي مان پاڻي جي نيڪالي جو واحد حل زيرو پوائنٽ وٽان ڪٽ لڳائڻ کي قرار ڏئي ڇڏيو. جڏهن ته ٽيل آبادگار ايسوسيئيشن جي اڳواڻن اياز کوسو، جليل انڙ، ساماڻو خاصخيلي ۽ ٻين علائقي مان جلد پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي زيرو پوائنٽ وٽان ڪٽ نه ڏيڻ خلاف اڄ مٺي-ميرپورخاص هائي وي تي ڌرڻو هڻڻ جو چتا ڏنو آهي. ان سلسلي ۾ آبادگارن چيو ته زيرو پوائنٽ وٽان ايل بي او ڊي ڍورو پراڻ ۽ هاڪڙو ڍورو جو قدرتي لنگھه آهي، اتي ڪجهه بااثرن قبضا ڪري پنهنجون زمينون آباد ڪري ورتيون آهن ۽ پاڻي نيڪال جو رستو بند ڪري ڇڏيو آهي، پنهنجي فصل کي بچائڻ لاءِ اسان کي ٻوڙي مارڻ چاهين ٿا، 5 ضلعن نوابشاهه، سانگهڙ، ميرپورخاص، عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر جو پاڻي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ جو واحد رستو زيرو پوائنٽ وٽان ڪٽ آهي، سرڪار فوري طور زيرو پوائنٽ وٽان ڪٽ ڏئي لکين انساني جانيون بچائي. هوڏانهن جهڏو جا هزارين ٻوڏ متاثر کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن، جن جي انتظاميا توڙي سرڪار ڪا مدد ناهي ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button