اسلام آبادپاڪستان

معاهدي جو ڀڃڪڙيون ٿيون،آ ايم ايف نڪ رڳڙايو:وزيراعظم

اسلام آباد :وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت آءِ ايم ايف معاهدي جون سنگين ڀڃڪڙيون ڪيون جنهن جي سزا اسان کي ڀوڳڻي پئي ۽ اسان آءِ ايم ايف وٽ نڪ رڳڙايو. اڄ ٻوڏ نه به اچي ها تڏهن به معاشي صورتحال ڳنڀير هجي ها. ملڪ ۾ تمام گهڻي مهانگائي آهي، ان ۾ ڪو شڪ ناهي. ڪالهه وزيراعظم شهباز شريف اسلام آباد ۾ وڪيلن کي پلاٽن جي الاٽمنٽ ليٽرز ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اڄ هائوسنگ اسڪيم جو پهريون مرحلو پورو ٿي چڪو آهي ۽ وڪيلن جي پراڻي مطالبي ساڀيان جو روپ وٺي ڇڏيو آهي.وزيراعظم اڳوڻي حڪومت تي ڇتي تنقيد ڪندي چيو ته عمران خان حڪومت آءِ ايم آيف معادي جي پاسداري ڪرڻ بدران ان جا بکيا اڊيڙي ڇڏيا، جنهن سبب اسان کي معاهدي جي بحالي لاءِ عالمي مالياتي اداري اسان آڏو ڪيئي مطالبا رکيا. وزيراعظم چيو ته ايٽمي طاقت هئڻ باوجود اسان اڄ به ڪستو کڻي پنندا پيا وتئون، جنهن به دوست ملڪ سان رابطو ڪيون ٿا، اهو سمجهي ٿو ته شايد قرض وٺڻ لاءِ فون ڪئي آهي، جيڪي ماڻهو اسان کان پوئتي هئا اهي به گهڻو اڳتي نڪري ويا آهن. ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي جو اعتراف ڪندي وزيراعظم چيو ته معاشي صورتحال ڳنڀير آهي، مهانگائي تي ضابطو آڻڻ جي پوري ڪوشش ڪري رهيا آهيون، اتحادي حڪومت وڏي محنت سان ملڪ کي ڏيوالپڻي کان بچايو. هن وڌيڪ چيو آهي ته جيڪڏهن اسان اهو فيصلو ڪري وٺون ته پاڪستان کي عظيم تر ملڪ بڻائڻو آهي ته اهو ڪم مشڪل ضرور آهي پر ناممڪن نه آهي. بار ۽ بئنچ جيڪڏهن گڏ نه ٿيندا ته آئين جي بالادستي، قانون جي حڪمراني ۽ انصاف جي ڳالهه ڪير ڪندو. ٻوڏ متاثرن جي بحالي جي لاءِ اسان سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، جيڪڏهن اسان پنهنجو پاڻ کي نه بدلايو ته تاريخ اسان کي معاف نه ڪندي. وزيراعظم چيو ته پوري ملڪ ۾ ٻوڏ هڪ تباهي مچائي رکي آهي جنهن جو ماضي ۾ مثال نه ٿو ملي، سڄي ملڪ مان آيل وڪيلن پنهنجي علائقن ۾ موسمياتي تبديلين جي ڪري ٿيندڙ شديد تباهي جو مشاهدو ڪيو هوندو. هي قدرتي آفت هڪ اهڙي وقت ۾ آئي جڏهن اڳ ۾ ئي ملڪ ڪنگال ٿيڻ جي ويجهو هو، حڪومت اتحادين سان گڏجي ملڪ کي ڪنگال ٿيڻ کان بچايو ۽ معاشي عدم استحڪام کي ڪنهن حد تائين ڪنٽرول ڪيو پر مهانگائي پنهنجي عروج تي آهي، ان ۾ ڪنهن کي ڪو شڪ نه آهي. 11 اپريل تي جڏهن حڪومت تبديل ٿي ته ڏيڍ مهينو اسان کي فيصلا ڪرڻ ۾ ٻڏتر جو شڪار هئاسين. هن چيو ته بلوچستان جو دورو ڪيو، هن وقت به ان علائقي ۾ پاڻي بيٺل آهي، پٽ فيڊر ڪينال جي صفائي جي لاءِ قدم جاري آهن، اتي لکين ماڻهن کي پيئڻ جو پاڻي نه ملي رهيو آهي، لکين ماڻهو کليل آسمان هيٺ پنهنجي پيارن کان وڇري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. ٻوڏ متاثرين جي زندگي مشڪلات جو شڪار آهي، 6 لک متاثر علائقن جون عورتون حاملا آهن، انهن جي لاءِ ڪيتريون ئي مشڪلاتون آهن، هتي ويهي ان جو اندازو نه ٿو ڪري سگهجي، ٻوڏ سان 3 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا آهن، هن وقت گرمي جي موسم آهي جڏهن ته سرديءَ موسم ۾ انهن کي شديد مشڪلاتون درپيش ٿينديون. وزيراعظم چيو ته هن وقت هينئر نه يا ڪڏهن نه واري صورتحال آهي، جيڪڏهن قوم کي اسان فائدو نه پهچايو ۽ ايثار ۽ قرباني جو مظاهرو نه ڪيو ته قوم اسان کي معاف نه ڪندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button