پاڪستانسنڌ

چمبڙ تعلقي مان پاڻي نه ڪڍڻ ۽ قدرتي لنگهه بحال نه ڪرڻ خلاف ڌرڻو

ٽنڊوالهيار: ٽنڊوالهيار جي تعلقي چمبڙ جي برسات متاثرن برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ۽ پاڻي جا قدرتي لنگهه بحال نه ڪرڻ خلاف ڊي سي آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو. ان سلسلي ۾ تعلقي چمبڙ مان برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ۽ قدرتي لنگهه بحال نه ٿيڻ خلاف علائقي واسين ڊي سي آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ۽ انتظاميا خلاف نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي مرتضى اوٺو چيو ته واعدو ڪيو ويو هو ته مشينون لڳائي علائقن مان برسات جو پاڻي ڪڍيو ويندو، پر ڪيترائي ڏينهن گذرڻ باوجود پاڻي ناهي ڪڍيو ويو، جانور مري ويا، گهر ڪري پيا، زمينن ۾ پاڻي هجڻ ڪري فصل تباهه ٿي ويا، هاڻ ته انسانن جي مرڻ جو وقت اچي ويو آهي، پر نتظاميا رڳو ڪوڙا دلاسا ڏئي رهي آهي، پاڻي جا قدرتي لنگهه بند آهن، انتظاميا کي برساتن کان اڳ قدرتي لنگهه کولڻ گهرجن ها. فدا چوهاڻ چيو ته تعلقي چمبڙ جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ برسات جو پاڻي بيٺل آهي، اسان جا ڳوٺ ٻڏل آهن، عوام روڊن تي آهن، پر انتظاميا من پسند ماڻهن کي ٽينٽ ۽ راشن ڏئي رهي آهي ۽ من پسند ماڻهن جي علائقن مان پاڻي ڪڍيو پيو وڃي، ڇا راشن ۽ ٽينٽ جيالن لا مليا آهن. برساتي پاڻي سبب مڇرن جو آزار آهي، ٻار، عورتون ۽ مرد بيمار ٿي پيا آهن، پر مڇرمار اسپري نٿو ڪرايو وڃي. متاثر يوسف بوزدار چيو ته جيڪڏهن اسان جي علائقن مان پاڻي نه نڪتو ته پنهنجي پاڻ کي باهه ڏيندس. هنن گهر ڪئي ته اسان جي علائقن مان پاڻي ڪڍي قدرتي لنگهه بحال ڪري سهولتون ڏنيون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button