پاڪستانسنڌ

ڇاڇرو لڳ جهيڙي ۾ زخمي ٿيل پيرسن حيدرآباد ۾ فوت

ڇاڇرو: ڇاڇري ويجهو ٿر جي ڳوٺ ڪروڙو سمان ۾ ٻن ڌرين ۾ پلاٽ جي مالڪي تان ٿيل جهيڙي ۾ زخمي ٿيل 86 ورهين جو پيرسن حاڪم الدين پٽ دائود سمون حيدرآباد اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو، جنهن جو لاش وارث واپس ڇاڇرو کڻائي پهتا، اطلاع تي کينسر پوليس پھچي پهچي لاش تحويل ۾ وٺي تعلقي اسپتال ڇاڇرو مان پوسٽ مارٽم ڪرايو ۽ مڙهه وارثن حوالي ڪيو. مقول جي پٽ سبحان سمون چيو ته ظالمن اسان سان ظلم ڪيو آهي، منهنجي پيءُ کي ڌڪ هڻي ماريو ويو آهي. پوليس جو چوڻ هو ته 4 ڏينهن اڳ جهيڙي جي 6 ماڻهن خلاف رپورٽ داخل ڪرائي وئي هئي، هاڻ وارث جي مرضي سان ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button