پاڪستانسنڌ

سامارو تعلقي جي 57 پرائمري ۽ مڊل اسڪولن ۾ پاڻي بيٺل، تدريسي عمل بند

سامارو: ساماري تعلقي جي 57 پرائمري، مڊل ۽ هائي اسڪول ۾ اڃا تائين برساتي پاڻي بيٺل آهي، جنهن سبب شاگردن ۽ شاگردياڻين جي تعليم متاثر ٿي وئي آهي. ان سلسلي ۾ سامارو تعلقي ۾ برساتي تباهڪارين سبب تعليم کي نقصان رسيو، تعلقي جا 45 بوائز پرائمري، 17 گرلس پرائمري، 3 مڊل ۽ 2 ھائي اسڪول برساتي پاڻي ۾ ٻڏل آهن، جنهن سبب شاگردن ۽ شاگردياڻين جي تعليمي سرگرميون بند آهن. تعلقي جا 45 بوائز پرائمري اسڪول جي پي ايس محبوب شاهھ، جي پي ايس واڌو ڪولهي، طالب جنجھي، سونھارو خاصخيلي، دوست محمد ڀرڳڙي، موسو جيسر، صالح ڀنڀرو، سيد ذوالفقار علي شاھه ۽ ٻيا 17 گرلس پرائمري اسڪول چوڌري ابراهيم، آراڙو ڀرڳڙي، محمد خان ڪپري، رامچند مالهي، ليکو مالهي، مٺو خان ڪپري ۽ ٻيا اسڪول شامل آھن. مڊل اسڪول محبوب شاھه ۽ ڀڙي آراڙو ڀرڳڙي سميت 3 پاڻي هيٺ آھن. جڏھن ته هائي اسڪول صالح ڀنڀرو ۾ 4 فوٽن تائين پاڻي بيٺل آھي. بوائز هائي اسڪول سامارو به پاڻي ۾ ٻڏل آهي، هائي اسڪول سامارو روڊ ۽ هائي اسڪول پڌريو فارم جا گرائونڊ ۽ رستا پاڻي هيٺ آهن، برساتي پاڻي سبب اسڪولن جي عمارتن کي وڏو نقصان پهتو آهي، ڪيترين ئي عمارتن ۾ ڏار پئجي ويا آهن ۽ فرنيچر خراب ٿي ويو آھي. ڪجھه اسڪولن ۾ ٻوڏ متاثر ويٺل آھن، جنهن سبب تدريسي عمل ٺپ ٿيل آھي. اسڪول ٻڏل هجڻ سبب هزارين شاگردن ۽ شاگردياڻين جي تعليم سخت متاثر ٿي رهي آھي. سڄاڻ ڌرين گهر ڪئي ته اسڪولن مان جلد برساتي پاڻي نيڪال ڪرائي تدريسي عمل شروع ڪرايو وڃي. هوڏاهن رابطو ڪرڻ تي ٽي اي او پرائمري اسڪول محمد چوپاڻ “سنڌ ايڪسپريس” کي ٻڌايو ته برساتن سبب پرائمري اسڪولن کي تمام گهڻو نقصان رسيو آھي، ڪيترائي اسڪول برساتي پاڻي هيٺ اچي ويا آھن، صوبائي وزير سردار شاھه جي حڪم تي ٻڏل اسڪولن جي سروي ڪئي پئي وڃي، جتي به پاڻي گهٽ هوندو، اتي ٽينٽ اسڪول قائم ڪري تدريسي عمل شروع ڪرايو ويندو. ساماري تعلقي ۾ برساتي تباه ڪارين سبب تعليم کي نقصان رسيو آھي. هائي اسڪول صالح ڀنڀرو ۾ 4 فوٽن تائين پاڻي بيٺل آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button