پاڪستانسنڌ

مورو ڀرسان ڪمپني جي زيادتين خلاف پورهيت جو احتجاج

مورو: مورو ڀرسان النور ايم ڊي ايف بورڊ ڪمپني شاھپور جھانيان ۾ ڪم ڪندڙ پورھيت بلاول چنا پنھنجي معصوم ٻارڙن سميت مل جي گيٽ اڳيان احتجاج ڪندي چيو ته ڪجھه سال اڳ ڊيوٽي دوران منھنجي ڄنگهه ڪٽجي وئي ھئي، جنھن بعد مل انتظاميا پڪو ڪرڻ جو واعدو ڪيو پر ڪافي سال گذري ويا آھن، پر هاڻي مل انتظاميا مون کي پڪو ناھي ڪري رهي، پگھار نه ملڻ ڪري منھنجا ٻچا بکون ڪاٽي رھيا آھن. ھن وسوارن عملدارن کان مطالبو ڪيو آھي ته مون مسڪين کي پڪو ڪري پگھار جاري ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button