پاڪستانسنڌ

ابڙان ۾ 2 مقتول نوجوانن جو ڪيس داخل نه ٿيو، لاش رکي ڌرڻو

نوشهروفيروز: نوشهروفيروز ويجهو ابڙان شهر ۾ جڳهه جي مالڪي تان جهيڙي دوران قتل ٿيل زاھد ۽ راحب ميمڻ جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو، قومي شاهراهه تي لاش رکي ڌرڻو، اهلڪارن جي لٺبازي، ڌاٻيجي ۾ ريلي تفصيل موجب ابڙان شهر ۾ جڳهه جي مالڪي تان جهيڙي دوران قتل ٿيل زاهد ۽ راحب ميمڻ جو ڪيس 24 ڪلاڪ گذرڻ باوجود داخل نه ٿي سگهيو، جنهن بعد مقتول نوجوانن جا وارث احتجاج لا لاش ڇڪڙي ۾ رکيا ته پوليس اهلڪارن عورتن، مردن ۽ ٻارن تي لٺين جو وسڪارو لاهي ڏنو، پر پو به مقتولن جي وارثن 8 ڪلوميٽر پنڌ ڪري قومي شاهراهه تي لاش رکي ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي. ڌرڻي جي اطلاع تي ڊي ايس پي پهتو، پر مظاهرين ڳالهين کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو. ان موقعي تي مقتولن جي وارثن سھيل ميمڻ، صدام، فاروق، جاڙو خان، ڪانڊيرو ميمڻ ۽ ٻين چيو ته سيد لطف شاهه، ظفر علي شاهه، مجاهد شاهه، ذوالفقار شاهه ۽ ٻين 3 لک نه ڏيڻ تي بيگناهن کي قتل ڪري ظلم ڪيو آهي، 24 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ڪري رهي آهي، اسان جي پرامن احتجاج تي لٺيون وسايون ويون آهن ۽ عورتن جي تذليل ڪئي وئي. هنن وڌيڪ چيو ته قاتلن جي گرفتاري تائين احتجاج جاري رهندو. ٻي پاسي نديم پنهور، ذوالفقار ميمڻ، شاهد مري، حيدر ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سياسي سماجي ڌرين غريب آباد مين نيشنل ها وي کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button