پاڪستان

ٻوڏ متاثر عوام کي وڏو رليف، حڪومت آگسٽ ۽ سيپٽمبر جا بجلي بل معاف ڪري ڇڏيا

وزيراعظم ٻوڏ متاثر علائقن جي 22 لک گهريلو ۽ ساڍا 3 لک ڪمرشل بجلي واهپيدارن جا آگسٽ ۽ سيپٽمبر جي مهينن جا بل معاف ڪري ڇڏيا، شهباز شريف اعلان ڪيو ته 300 يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙ 2 ڪروڙ 10 لک واهپيدارن کي سيپٽمبر ۾ به فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي ڇوٽ ڏني ويندي، ٻوڏ جي تباهي عوام جون اکيون کولي ڇڏيون آهن، اسان ملڪ کي ڊيفالٽ کان بچائڻ لاءِ ڏکيا فيصلا ڪيا ۽ سياست بدران رياست کي بچائي ورتو آهي. بلوچستان جي ٻوڏ متاثر علائقي صحبت پور جي دوري دوران صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته ٻوڏ سبب سنڌ ۽ بلوچستان صوبن ۾ وڏي پئماني تي تباهي ٿي آهي، وفاقي حڪومت ٻوڏ متاثرن لاءِ روڪ رقم جي صورت ۾ 70 ارب رپيا ورهائيندي، جنهن مان هيل تائين 24 ارب رپيا ورهائجي چڪا آهن، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت في خاندان 25 هزار رپيا ورهايا پيا وڃن، ڪجهه علائقن ۾ انٽرنيٽ ۽ بجلي جو نظام درهم برهم ٿيڻ ڪري امدادي رقم ورهائڻ وارو سلسلو رڪيل آهي پر اهو مسئلو جلد حل ڪيو ويندو. هن چيو ته ٻوڏ متاثر علائقن جي هوشيار ٻارن جو تعليمي خرچ نه ٿيڻ ڏينداسين، ٻوڏ جون تباهيون ايتريون شديد آهن جو هر اک ڳوڙها ڳاڙي رهي آهي ۽ پوري قوم گڏجي ان صورتحال جو مقابلو ڪري رهي آهي، اسان جي حڪومت انتهائي مشڪل صورتحال ۽ ورثي ۾ مليل معاشي مسئلن باوجود ڏکيا فيصلا ڪري پاڪستان کي ڪنگال ٿيڻ کان بچايو آهي، سياست بعد ۾ به ٿيندي رهندي، اسان رياست بچائي آهي. هن چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون، قومي ۽ صوبائي ادارا، انتظاميا سڀ گڏجي ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن، جيترو ممڪن ٿي سگهيو، متاثرن جي مدد ڪنداسين. شهباز شريف لاڳاپيل سرڪاري عملدارن کي متاثر علائقن ۾ بيٺل پاڻي ڪڍڻ لاءِ وڌيڪ مشينري لڳائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته پيئڻ جي پاڻي دستياب نه هجڻ وڏو چئلينج آهي جنهن سبب بيماريون تيزي سان پکڙجي رهيون آهن، اين ڊي ايم اي پاڻي جي ٽينڪن جي فراهمي لاءِ قدم کنيا آهن جڏهن ته متاثرن کي منرل واٽر جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي جنهن جا ٻه ٽرڪ اڄ ۽ 10 ٽرڪ ٻن ڏينهن اندر پهچي ويندا، پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي روڊن سان گڏوگڏ هيليڪاپٽر ذريعي به ممڪن بڻائينداسين، متاثر علائقن ۾ روڊن جي بحالي جو ڪم تيزي سان جاري آهي، متاثر علائقن جي بجلي جي گهريلو ۽ ڪمرشل واهپيدارن جا آگسٽ ۽ سيپٽمبر جا بجلي بل معاف ڪرڻ سان ساڍا 24 لک واهپيدارن کي 10 ارب رپين جو رليف ملندو، جن علائقن ۾ ٻوڏ تباهي مچائي آهي اتي متاثر ٿيل ماڻهن کان آگسٽ ۽ سيپٽمبر جي مهينن جا بجلي نه ورتا ويندا. هن چيو ته 3 ڪروڙ 10 لک بجلي واهپيدارن کي فيول پرائيس ايڊجسٽمينٽ جي ڇوٽ ڏني وئي هئي جنهن مان 75 سيڪڙو واهپيدارن فائدو کنيو هو، انهن لاءِ سيپٽمبر جي بجلي بلن تي به ساڳي سهولت ڏني پئي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ انفرا اسٽرڪچر جي بحالي جو مرحلو به اچڻو آهي، وفاقي حڪومت سياست نه رياست کي ترجيح ڏني آهي، سڀني ماڻهن کي اپيل آهي ته گڏجي ٻوڏ متاثرن جو ڀرجهلو ۽ ٻانهن ٻيلي بڻجن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button