سنڌو درياهه ۾ وڏي پئماني جي ٻوڏ اچڻ بعد پنجاب جي درياهن ۾ به ڀارت کان وڏو پاڻي اچڻ جي اڳڪٿي، پي ڊي ايم اي ٻوڏ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي. تفصيل موجب ڀارت ۾ چوماسي جي برساتن سبب پنجاب جي ٽن درياهن راوي، چناب ۽ ستلج ۾ ٻوڏ اچڻ جو خطرو آهي. موسميات کاتي ٻڌايو آهي ته ڀارت جي رياست مڌيا پرديش جي وچ وارن حصن ۾ چوماسي جون برساتون 17 کان 18 سيپٽمبر جي وچ ۾ مٿانهان علائقا متاثر ڪري سگهن ٿيون، جنهن سبب راوي، ستلج ۽ چناب درياهن ۾ پاڻي جي سطح ۾ وڏو چاڙهه اچي سگهي ٿو، ان سلسلي ۾ هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لا هينئر ئي مخصوص علائقن جي رهواسين کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪرڻ جو الرٽ جاري ڪيو ويو آهي ته جيئن وقت سر تياريون مڪمل ڪيون وڃن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close