اسلام آبادپاڪستان

بغاوت ڪيس ۾ گرفتار شهباز گل کي ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد : اسلام آباد هاءِ ڪورٽ قومي ادارن خلاف ڀڙڪائڻ واري ڪيس ۾ گرفتار پي ٽي آءِ اڳواڻ شهباز گل کي ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو. ان دوران اسپيشل پراسيڪيوٽر رضوان عباسي چيو ته شهباز گل هڪ خانگي ٽي وي چئنل تي ادارن خلاف ڳالهايو هو. اهو چئنل ملڪ جو هر ٻيو شهري ڏسي رهيو هو، آرمڊ فورسز ۾ پڻ اهو چئنل ڏٺو ويندو آهي. اها ڳالهه بغاوت تي ڀڙڪائڻ جو الزام ثابت ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي. چيف جسٽس اطهر من الله پڇاڻو ڪيو ته شهباز گل جيڪڏهن ڪنهن هڪ کي به بغاوت ڪرڻ جو چيو آهي ته ٻڌايو؟ اسپيشل پراسيڪيوٽر چيو ته شهباز گل ڪنهن هڪ کي نه، پنهنجي بيان ۾ سڀني کي بغاوت تي ڀڙڪايو. چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اطهر من الله ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد شهباز گل کي ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پنج لک روپين جي مچلڪن عيوض شهباز گل کي آزاد ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button