اسلام آبادپاڪستان

عمران کي لاڏلو نه بڻايو وڃي ته هن کي ٽن ڏينهن ۾ گهمائي وٺون:مريم نواز

اسلام آباد :ن ليگ جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته عمران خان جو مسئلو حل ڪرڻ ٽن ڏينهن کان وڌيڪ جو ڪم ناهي.اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته اسان جي ملڪ تي آفت آيل آهي. حڪومت ٻوڏ سٽيلن جي مدد ۽ بحالي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻي رهي آهي. شهباز شريف وٽ ڪنهن صوبي جي حڪومت ناهي پر هو هر هنڌ وڃي رهيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ مريم نواز چيو ته طلال چوڌري، دانيال عزيز ۽ نهال هاشمي کي ته معافي نه ملي، عدالت کي ڏسڻ گهرجي ته هو هڪ فتني کي ڇو موقعو ڏئي رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته عمران خان کي لاڏلو نه بڻايو وڃي ته اتحادي جماعتون هن کي ٽن ڏينهن ۾ گهمائي وٺن. مريم نواز چيو ته ان سوئنگر جون ڳالهيون ڪندڙ عمران خان پهرين پنهنجي ڪوچ جو نالو ته ٻڌائي، اهو ٻڌائي ته ڪهڙو ڪوچ کيس اهڙا مشورا ڏئي رهيو آهي. عمران خان پاران فوري چونڊون ڪرائڻ واري سوال تي مريم نواز چيو ته عمران جيڪڏهن تڪڙيون چونڊيون چاهي ٿو ته پنجاب ۽ ڪي پي اسيمبليون ٽوڙي ڇڏي. هن چيو ته حڪومت کي عمران جون ڳالهيون نه ٻڌڻ گهرجن ۽ نه ئي کيس اسٽيڪ هولڊر سمجهڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته اهو شخص پاڪستان جي تباهي آهي، اسٽيڪ هولڊر ناهي. هن چيو ته سمورن ادارن کي متفق ٿي عمران خان کي فتنا خان قرار ڏيڻ گهرجي. مريم نواز چيو ته چونڊون مقرر وقت تي ٿيڻ گهرجن، حڪومت پاران پيٽرول ۽ بجليءَ جي اگهن ۾ واڌ وارن فيصلن جي حمايت نه ٿي ڪريان. سندس چوڻ هو ته مذهب تمام گهڻو مقدس آهي، جنهن کي گندي سياست لاءِ استعمال نه ڪرڻ کپي. سياست تي عبادت آهي، سياست رڳو اقتدار جي ڀڄ ڊڪ ناهي. مان پاڻ ڀوڳي چڪي آهيان، احسن اقبال کي گولي هنئي وئي. عمران خان تي تنقيد ڪندي مريم نواز چيو ته ملڪ دشمنن کيس فنڊ ڏنا آهن، هن شخص کي سياست، اخلاقي قدرن ۽ نوجوانن کي تباهه ڪرڻ لاءِ لانچ ڪيو ويو. هو پاڪستان جي معيشت سرنگهون وڇائي هليو ويو، ويندي ويندي پاڻ ئي آءِ ايم ايف معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪيائين، جنهن نموني هو ادارن تي حملا ڪري رهيو آهي، ائين ڪو چريو انسان ئي ڪندو آهي. هاڻي هو پنهنجي سي وي کڻي ڦرندو پيو وتي، بيساکيون ڳولي رهيو آهي. آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ بابت سوال تي مريم نواز جڏهن جنرل باجوا جي مدي ۾ واڌ جو وقت ايندو تڏهن ان تي تبصرو ڪنديس، اها بحث ان شخص ڇيڙيو آهي جيڪو فتنو خان آهي. هن چيو ته فتني خان نئون تڪرار کڙو ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن هو حڪومت ۾ هو ته هڪ پيج تي هو. جڏهن حڪومت مان نڪتو ته کين مير جعفر ۽ مير صادق ۽ جانور جي لقبن سان نوازي رهيو آهي. ملڪي معيشت بابت سوال تي مريم نواز جو چوڻ هو ته معيشت جي بحالي ۾ ڪجهه ورهيه لڳندا، ڪجهه مهينن ۾ اهو ڪم نٿو ٿي سگهي، حڪومت ڏکيا فيصلا ڪيا، مان ڀلي انهن فيصلن کي سپورٽ ڪريان يا نه، شهباز شريف ۽ سندس ٽيم ملڪي معيشت کي تباهي ۽ ملڪ کي ڏيوالي کان بچايو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button