پاڪستانزراعت ۽ ڪاروبارسنڌ

ڪلوئي ۾ اٽو فلور مل تي 4 هزار ۽ دڪانن تي 44 سئو رپيا مڻ وڪرو

ڪلوئي :ڪلوئي ۾ اٽي جي وڌندڙ ريٽ ٻوڏ سٽيل ماڻهن جي ڏکن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو. ضلعي انتظاميا اٽي جي ريٽ تي ڪنٽرول نه ڪري سگهي. فلور مل تي چار هزار رپيا مڻ جڏهن ته دڪاندارن پاران چوئيتاليهه سئو رپيا مڻ وڪرو ڪيو پيو وڃي. خبر موجب ڪلوئي تعلقي جي مختلف علائقن ڪلوئي، بلوچ آباد، ونگو پتڻ، ستون ميل ۽ سنتورو بازار ۾ اٽي جا ريٽ وڌڻ کانپوءِ ماڻهو هڪ ويلو ماني کائڻ تي مجبور آهن. ان سلسلي ۾ عوامي پريس ڪلب ڪلوئي اڳيان احتجاج ڪندي عزيز هالو، عمر نهڙيو، راضي خان لنڊ، مانجھي ساهڙ ۽ ٻين ٻڌايو ته ڪلوئي تعلقي ۾ فلور ملز مالڪ ۽ دڪاندار هڪ هٽي قائم ڪري ڇڏي آهي، ڪير پڇڻ وارو ڪونهي. واضح رهي ته ضلعي انتظاميا ٿرپارڪر طرفان اٽي جي وڌندڙ ريٽ جي نه ڪا ريٽ لسٽ لڳائي وئي آهي نڪو ريٽ تي ڪنٽرول ڪيو آهي. رهواسين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته واپارين خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button