پاڪستان

فارما ڪمپنين اگهه نه وڌائڻ تي سستين دوائن جي پيداوار روڪي ڇڏي

دوائون ٺاهيندڙ (فارما سيوٽيڪل) ڪمپنين حڪومت طرفان دوائن جا اگهه نه وڌائڻ تي ڪاوڙجي عوام مان ڪسر ڪڍڻ جو فيصلو ڪري ورتو، ان سلسلي ۾ مختلف ڪمپنين گهٽ اگهه وارين دوائن جي پيداوار بند ڪري ڇڏي آهي، جنهن سبب سڄي ملڪ ۾ پيناڊول ۽ پيرا سيٽامول دوائن جا اگهه آسمان تي پهچي ويا آهن. ڄاڻ موجب پرڏيهي دواساز ڪمپنين ڊالر مهانگو ٿيڻ تي ٻاهرين ملڪن مان ايندڙ ڪچو مال مهانگو ٿيڻ جو جواز ڄاڻائي حڪومت کان دوائن جا اگهه وڌائڻ جو مطالبو ڪيو هو پر وفاقي ڪابينا ڊرگ ريگوليٽري اٿارٽي جي سفارشن باوجود 100 کان وڌيڪ سستين دوائن جون قيمتون گهٽائڻ واري سمري منظور نه ڪئي، جنهن بعد ڪمپنين سستين دوائن جي پيداوار روڪي ڇڏي آهي. ان حوالي سان هول سيل مارڪيٽ جي واپارين جو چوڻ آهي ته مقامي ڪمپنيون سستيون دوائون هاڻي بليڪ تي مهانگيون وڪرو ڪري رهيون آهن، جنهن سبب پيناڊول ۽ پيرا سيٽامول جهڙين دوائن جا اگهه به وڌي ويا آهن ۽ اڪثر شهرن ۾ اهي دوائون اڻلڀ آهن. هوڏانهن صحت واري وزارت طرفان دوائن جو مصنوعي بحران پيدا ڪندڙ ميڊيڪل اسٽورن خلاف ڪارروايون پڻ جاري آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button