اسلام آبادپاڪستان

عمران خان جي تقرير نامناسب پر دهشتگردي جا قلم ته نٿا ٺهن:اسلام آباد ها ڪورٽ

اسلام آباد : اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته عمران خان جي تقرير نامناسب ضرور پر دهشتگردي جا قلم ته نٿا ٺهن، اهو ڪو معمولي الزام نه سنجيده نوعيت جو معاملو آهي. ڪالهه عورت جج ۽ پوليس آفيسرن کي ڌمڪائڻ تي تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان خلاف دهشتگردي جو ڪيس خارج ڪرڻ جي درخواست تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ شنوائي ٿي. عدالت جي آءِ ٽي کان سومر تائين رپورٽ طلب ڪندي چيو ته ايندڙ شنوائي تي ٻڌايو ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم ڇو لڳايا ويا؟ چيف جسٽس اطهر من الله پڇاڻو ڪيو ته عمران خان کي جاچ ۾ شامل ٿيڻ ۽ جاچ آفيسر کي اهو ٻڌائڻ جو چيو هو ته دهشتگردي جا قلم ٺهن ٿا يا نه؟ ڇا پٽيشنر جاچ ۾ شامل ٿيو يا نه؟ اسپيشل پراسيڪيوٽر راجا رضوان عباسي عمران خان جي تقرير جا تڪراري جملا پڙهي ٻڌايا. چيف جسٽس چيو ته توهان ٻڌايو ان تي دهشتگردي جا قلم ڪيئن ٿا ٺهن؟ ڇا ان تقرير کانسواءِ ڪجهه آهي؟ اهو تمام سنجيده نوعيت جو الزام هوندو آهي. سپريم ڪورٽ جو فيصلو به موجود آهي، توهين عدالت جي ڪارروائي الڳ هلي رهي آهي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته دهشتگردي جو ڏوهه ايڏي ننڍي ليول تي نه آڻيو، ڪو آءِ جي ايڏو ڪمزور نه هجي جو تقرير کان ڊڄي يا گهٻرائجي وڃي. عدالت ڪيس ۾ دهشتگردي جي قلم جي حوالي سان جي آءِ ٽي کي راءِ ڏيڻ لاءِ سومر تائين مهلت ڏيندي شنوائي 19 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button