پاڪستانسنڌ

سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن جي امداد ۽ رليف ڪمن بابت درخواست تي فيصلو محفوظ

ڪراچي: عدالت سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن جي امداد ۽ رليف جي ڪمن بابت درخواست تي فيصلو محفوط ڪري ورتو. تفصيل مطابق سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سنڌ صوبي ۾ ٻوڏ متاثرن جي امداد ۽ رليف جي ڪمن بابت شنوائي ٿي. ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو، بدين ۽ ملير پاران جواب جمع ڪرائڻ کان پوءِ عدالت درخواست تي فيصلو محفوط ڪري ورتو. شاهد سومرو ايڊووڪيٽ درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته سنڌ حڪومت جي ڪمن ۾ رنڊڪ نٿا وجهڻ چاهيون اسان چاهيون ٿا ته حڪومتي ڪم صحيح نموني ٿئي، بي گهر ٻوڏ متاثرن کي مختلف جڳهين بدران ٽينٽ سٽي ۾ رهايو وڃي، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته سنڌ حڪومت جي پنهنجي رپورٽ آهي ته هڪ ڪروڙ ماڻهو متاثر ٿيا آهن، چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته پهريان متاثرن جي سروي ٿيندي تفصيلي رپورٽ اچڻ ڏيو، حڪومت کي وقت ڏيو. درخواستگذار جي وڪيل چيو ته سکر ڊويزن ۽ لاڙڪاڻو ڊويزن بابت سرڪٽ بئنچز جا فيصلا اچي چڪا آهن، ڪراچي ڊويزن لاءِ به اهڙي قسم جو آرڊر ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button