پاڪستانسنڌ

مهانگائي سبب هر پاسي تباهي آهي، ماڻهو بل نٿا ڀري سگهن: علي زيدي

ڪراچي: پي ٽي آئي جي اڳواڻ علي زيدي چيو آهي ته مهانگائي سبب هر پاسي تباهي آهي ماڻهو بل نٿا ڀري سگهن پي ٽي آئي سنڌ جي صدر علي زيدي ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌ ٻڏي وئي آهي. ڪيترن ئي ڪلوميٽرن تائين پاڻي بيٺل آهي. هن چيو ته موهن جو دڙو ۾ پاڻي ناهي بيٺو اتي نيڪال جو نظام بهتر هو. هي ڪهڙا ماڻهو آهن. جن جي ڪري ڪرپٽ ٽولو اقتدار ۾ آهي انهن ماڻهن سنڌ ۾ رڳو تباهي ڪري ڇڏي آهي، ماڻهن وٽ جڏهن کائڻ لاءِ نه هوندو ته ملڪ تباهه ٿي ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button