پاڪستانسنڌ

سنڌ ۾ هڪ ڪروڙ کان مٿي آبادي ۽ 16 لک گهر متاثر, 646 ماڻهو زندگي وڃائي ويٺا

ڪراچي: صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته تازين برساتن ۽ ٻوڏ سبب صوبي ۾ مواصلاتي نظام شديد متاثر ٿيو آهي. 8431 ڪلوميٽر جا 780 روڊ متاثر ٿيا آهن. 180 پليون، 1642 ڪلورٽز ۽ 2125 ڪاز ويز کي نقصان رسيو آهي. صوبائي وزير اطلاعات شرجيل انعام ميمڻ برسات ۽ ٻوڏ جا تفصيل ٻڌائيندي چيو ته ڪوٽري بئراج تي پاڻي جي آمد ۾ مسلسل گهٽتائي رڪارڊ ڪئي پئي وڃي، تنهن هوندي به ڪوٽڙي بئراج تي هن وقت به مٿانھين درجي جي ٻوڏ واري صورتحال برقرار آهي، پاڻي جي آمد 525700 ڪيوسڪ ۽ ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي جو وهڪرو 500900 ڪيوسڪ آهي. هن چيو ته صوبي ۾ برسات ۽ ٻوڏ جي واقعن ۾ 646 قيمتي حياتين جو نقصان ٿيو آهي ۽ 8321 ماڻهو زخمي ٿيا آهن. پوري سنڌ ۾ لائيو اسٽاڪ کي پڻ شديد نقصان پهتو آهي ۽ هاڻي تائين 200317 ڍور مري چڪا آهن. هن چيو ته مجموعي طور تي 1598090 گهر متاثر ٿيا آهن، جن ۾ 500249 مڪمل طور تي ڊهي پيا آهن، جڏهن ته 1077210 گهرن کي جزوي نقصان پهتو آهي.

صوبائي وزير چيو ته برساتن ۽ ٻوڏ ۾ 10552903 آبادي متاثر ٿي آهي، 1666266 خاندان شامل آهن. جڏهن ته 6940907 ماڻهو بي گهر ٿيا آهن. متاثرن جي لاءِ ڪراچي ڊويزن ۾ 41، حيدرآباد ڊويزن ۾ 296، سکر ۾ 269، شهيد بينظير آباد ۾ 579، لاڙڪاڻي ۾ 481 ۽ ميرپورخاص ڊويزن ۾ 48 ريليف ڪئمپون قائم ڪيون ويون آهن. پي ڊي ايم اي، اين ڊِي ايم اي، يو اين ڊبليو ايف پي، پاڪستان آرمي، نيوي ۽ ايئر فورس گڏيل طور 494357 راشن بيگز متاثرن ۾ تقسيم ڪيا آهن. ٻوڏ متاثرن ۾ 222584 خيما، 1852298 مھارا، 202825 پلاسٽڪ ترپال، 10157 ڪچن سيٽ، 406436 ليٽر منرل واٽر، 3500 فرسٽ ايڊ ڪٽس، 1900 اسڪول ٽينٽس سميت ٻيو سامان ورهايو ويو آهي.

هن چيو ته حڪومت پاران ريسڪيو، ريليف آپريشن جاري آهي. جنهن ۾ پاڪ آرمي، نيوي، ايئرفورس جا جوان اھم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. ھن چيو ته سنڌ حڪومت نوشهروفيروز، خيرپور، مٽياري ۽ جھڏو مان برسات جي پاڻي جي نيڪال ڪرڻ تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي. نوشهروفيروز، خيرپور، مٽياري کان روهڙي ڪينال ۾ پاڻي جي نيڪال لاءِ سموري پمپنگ مشينري کي انھن علائقن ۾ پھچايو ويو آهي. هن چيو ته سنڌو دريا ۾ پاڻي جي سطح ۾ مسلسل گهٽتائي جي ڪري منڇر ڍنڍ جو پاڻي تيزي سان دريا ۾ وڃي رهيو آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته متاثرن کي فوري طبي امداد لاءِ صحت کاتي ۾ ڪنٽرول روم 24 ڪلاڪ ڪم ڪري رهيو آهي. متاثر ڪنهن به شهر، ڳوٺ مان فوري طبي امداد لاءِ فون نمبرز 02292040106 ۽ 0229240114 تي رابطو ڪري سگهن ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button