اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

هفتي دوران 30 شين جي اگهن ۾ واڌ،پتي،داليون، اٽو ۽ چانور مهانگا

اسلام آباد:ڳڻپ واري کاتي هفتيوار مهانگائي جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا، جنهن موجب مهانگائي جي هفتوار شرح ۾ 0 ڏهائي 19 سيڪڙو جي معمولي لاٿ آئي. جڏهن ته مهانگائي جي هفتيوار شرح 40 ڏهائي 58 سيڪڙو رهي. شماريات کاتي ٻڌايو آهي ته هڪ هفتي دوران ٽيهه شين جي اگهن ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي. چانهه جي پتي، مڱن جي دال، ماش جي دال، آنا، اٽو ۽ چانور مهانگا ٿيا. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مڱن جي دال جي في ڪلو قميت ۾ 8 رُپيا 31 پئسا واڌ جڏهن ته هڪ هفتي دوران في درجن آنن جي قيمت 235 رُپين مان وڌي 242 ٿي وئي آهي. اهڙي نموني ويهه ڪلو اٽي جي ٿيلهي هڪ هفتي دوران 25 رُپيا 41 پئسا مهانگي ٿي. ماش جي دال جي في ڪلو اگهه ۾ ڇهه رُپيا چوٽيهه پئسا واڌ ٿي. جڏهن ته گوشت ٻه رُپيا مهانگو ٿيو. شماريات کاتي موجب مٽن جي في ڪلو قيمت ۾ ٽي رُپيا 98 پئسا واڌ ٿي. هفتي دوران ڏهن شين ۾ لاٿ ۽ يارنهن شين جي اگهن ۾ استحڪام رهيو. رپورٽ موجب بصرن ۽ ٽماٽن جي في ڪلو قيمت ۾ 16 رُپين تائين لاٿ آئي، جڏهن ته ايل پي جي جو گهريلو سيلنڊر 80 رُپين تائين سستو ٿيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button