اسلام آبادپاڪستان

بي آءِ ايس پي ٻوڏ متاثر خاندانن ۾ 27645 ملين رپيا ورهايا:شازيا مري

اسلام آباد: غربت جي خاتمي، سماجي تحفظ واري وفاقي وزير ۽ چيئرپرسن بينظير انڪم سپورٽ پروگرام شازيا مري چيو آهي ته بي آءِ ايس پي معاشري جي غريب ۽ پٺتي پيل طبقن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ سڀ کان ڪامياب سماجي تحفظ جو پروگرام آهي. ملڪ ۾ هاڻوڪي ٻوڏ ۾ بي آءِ ايس پي ٻوڏ متاثرن ۾ 946,967 خاندانن ۾ 27645 ملين رپيا ورهايا. اهڙو اظهار هن بي آءِ ايس پي هيڊ ڪوارٽر اسلام آباد ۾ عالمي بئنڪ جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات دوران وفد کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت کنيل قدمن جي باري ۾ بريفنگ ڏني وئي. هن وفد کي ٻُڌايو ته بينظير ڪفالت پروگرام جي شروعات کان هن وقت تائين 7 ڏهائي 9 ملين ڪٽنبن ۾ 1 ڏهائي 309 ٽريلين رپيا ورهايا ويا. بينظير نشوونما پروگرام تحت 196989 حقدارن کي 833 ملين رپيا ورهايا ويا آهن. هن وقت بينظير نشوونما پروگرام 29 ضلعن ۾ ڪم ڪري رهيو آهي ۽ ملڪ جي ٻين ضلعن ۾ وڌيڪ سهولتي مرڪز قائم ڪيا پيا وڃن ته جيئن ڳورهاري، کير پياريندڙ عورتن ۽ ان جي 2 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن کي اسٽنٽنگ جي مسئلن تي قابو آڻي سگهجي. وفاقي وزير پاڪستان ۾ سماجي تحفظ جي نظام کي مضبوط بڻائڻ لاءِ ترقياتي شراڪتدار طور عالمي بئنڪ جي ڪردار کي بيحد ساراهيو. عالمي بئنڪ سماجي تحفظ جي نيٽ ورڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. عالمي بئنڪ پاڪستان جي صحت ۽ تعليم بابت روڪ مالي معاونت جي پروگرامن تي توجهه ڏئي انساني سرمائي جي ترقيءَ ۾ پڻ مدد ڪئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان کي صوبن ۽ وفاق کي گڏ کڻي هلڻو آهي ته جيئن يقيني بڻائي سگهجي ته اسان سڄي ملڪ ۾ ٻوڏ متاثر سبب خاندانن کي امداد فراهم ڪرڻ ۾ ڪنهن کي پوئتي نه ڇڏي رهيا آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button