اسلام آبادپاڪستان

ڪربلا جي شهيدن جو چاليهو،سيڪيورٽي لاءِ فوج ۽ سول آرمڊ فورسز مقرر

اسلام آباد : سڄي ملڪ ۾ ڪربلا جي شهيدن جي چاليهي جي موقعي تي سيڪيورٽي لاءِ فوج ۽ سول آرمڊ فورسز جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. گهرو وزارت ۾ سيڪيورٽي صورتحال جي نگراني لاءِ سينٽرل ڪنٽرول روم پڻ قائم ڪيو ويو آهي. راڻا ثناءُ الله جو چوڻ آهي ته ڪربلا جي شهيدن جي چاليهي جي موقعي تي فوج سول حڪومت جي مدد لاءِ سيڪيورٽي جا فرض انجام ڏيندي. فوج سان گڏ رينجرز، ايف سي ٻيون فورسز پڻ سيڪيورٽي خدمتون انجام ڏينديون. سندن چوڻ هو ته فوج ٻوڏ ڊيوٽي سان گڏوگڏ چاليهي جي موقعي تي سيڪيورٽي لاءِ پڻ پنهنجون خدمتون انجام ڏيندي. راڻا ثناءُ الله چيو ته سينٽرل ڪنٽرول روم مان سمورن جلوسن ۽ سيڪيورٽي جي معاملن جي نگراني ڪئي ويندي. چاليهي جي جلوسن، رستن ۽ امام بارگاهن جي سيڪيورٽي لاءِ خاص قدم کنيا ويندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button