پاڪستان

امپورٽڊ حڪومت معيشت جي زوال کي روڪڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي: عمران خان

اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته امپورٽڊ حڪومت معيشت جي زوال کي روڪڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو ته امپورٽڊ حڪومت بنا ڪنهن هدايتن جي هلي رهي آهي، هنن رڳو هڪ ٻئي کي اين ار او جي لاءِ پنهنجا مقصد حاصل ڪيا. عمرن خان چيو ته قوم سوال ڪري رهي آهي ته ملڪ خلاف سازش ڪير ڪري رهيو آهي؟ هن لکيو ته اسان جي دور ۾ معاشي ترقي جي شرح 6 سيڪڙو هئي ۽ اسان جي دور ۾ زراعت، تعليم، معيشت جي ترقي ٿي ۽ روزگار جا موقعا به وڌي ويا هئا. هن چيو ته اڄ پاڪستان ۾ مهانگائي سبب هر ماڻهو متاثر ٿي رهيو آهي، پاڪستان ۾ ڊالر رپئي جي مقابلي ۾ مضبوط ٿي رهيو آهي. آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بئنڪ جي رپورٽن مان ظاهر ٿي رهيو آهي ته امپورٽڊ حڪومت هڪ مستحڪم معيشت ورثي ۾ ملڻ باوجود معيشت جي تباهي جي کڏ ۾ ڪرڻ کان بچائڻ ۾ ناڪام رهي، اقتصادي سروي ۾ اسان جي اقتصادي ڪارڪردگي کي ملڪ جي 70 سالا تاريخ جي بهترين ڪارڪردگي قرار ڏنو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button