پاڪستان

سنڌ ۽ بلوچستان ۾ هاڻوڪي ٻوڏ جي تباهي انساني سرگرمين جو نتيجو قرار

لنڊن: عالمي موسمياتي ماهرن پاڪستان ۾ ٻوڏ جي تباهڪارين بابت رپورٽ جاري ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ هاڻوڪي ٻوڏ جي تباهي ۾ انساني سرگرمين جي ڪردار کي رد نٿو ڪري سگهجي. ورلڊ ويدر آٽريبيوشن گروپ ۾ ڪلائيميٽ ماهرن جي عالمي ٽيم طرفان جاري ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته صنعتي دور جي انساني سرگرمين عالمي گرمي پد کي هڪ ڏهائي 2 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڌائي ڇڏيو آهي. رپورٽ مطابق سنڌ ۽ بلوچستان 5 ڏينهن جي برسات ۾ مجموعي طور 50 سيڪڙو اضافو ٿيو، موجودا موسمياتي حالتن ۾ ڪنهن به سال اهڙي قسم جي واقعن ٿيڻ جو هڪ سيڪڙو امڪان هو، پر انسان جي پيدا ڪيل گرين هائوس گئسز کانسواءِ اهڙن واقعن جو امڪان گهٽ آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب 14 سئو کان وڌيڪ ماڻهو موت جو کاڄ بڻيا، ٽي ڪروڙ ٽيهه لک ماڻهو متاثر ٿيا جڏهن ته هڪ ڪروڙ 70 لک گهر ڊهي پٽ ۽ وڏي پئماني تي فصلن کي نقصان رسيو. عالمي ماهرن ۾ رپورٽ ۾ اهو پڻ ٻڌايو ته سخت متاثر علائقن ۾ ويجهڙائي وارن ڏهاڪن ۾ 75 سيڪڙو تائين وڌيڪ برساتون پيون، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ رڪارڊ سطح تي برسات جو امڪاني ڪارڻ انساني سرگرميون آهن. موسميات جي عالمي اداري جو چوڻ آهي ته موسم سان لاڳاپيل سانحن ۾ 50 سالن دوران پنجوڻ تي اضافو ٿيو، موسمي سانحن ۾ سراسري طور تي روزانو 115 ماڻهو موت جو کاڄ بڻجي رهيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button