پاڪستانسنڌ

سنڌ حڪومت برسات متاثرن جي واهر ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي: قادر مگسي

حيدرآباد: سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته برسات متاثرن جي واهر ڪرڻ ۾ سنڌ حڪومت مڪمل ناڪام وئي آهي. متاثرن انتهائي خراب حالتن مان گذرن پيا، مٿان وري سنڌ ۾ هٿڙادو اٽو مهانگو ڪيو ويو آهي، جو هاڻي ماڻهو رکي ماني کائڻ جي سگهه کان به محروم آهن. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ متاثرن جي مدد لاءِ آيل امداد به خبر ناهي ڪٿي گم ڪئي وئي آهي. حڪمرانن پاران نالي ماتر جوڙيل ڪئمپن ۾ ڪنهن به قسم جون سهولتون ميسر ناهين، سڄي سنڌ مليريا، گيسٽرو ۽ مختلف بيمارين ۾ وٺجي وئي آهي پر انهن جو ڪو به علاج نه پيو ٿئي.

جيڪو ٿورو گهڻو ريليف جو ڪم ٿئي پيو اهو ڪجهه فلاحي ادارا، قومي ۽ سماجي ڪارڪنن ۽ مخير حضرات جي مدد سان ٿيو آهي، باقي سنڌ حڪومت جا وزير مشير صرف پروٽوڪول سان گهمڻ ۾ پورا آهن ضلعن ۾ مقرر ڪامورن عوام جي هن ڏکي وقت جي مدد ڪرڻ جي بدران صرف اڌ پاءُ جي برياني ڏئي اربين جا ڪوڙا بل ٺاهي رهيا آهن، ڪرپشن ڪري رهيا آهن، جن جا حصا پتي سنڌ حڪومت جي وزيرن مشيرن کي به ملي رهيا آهن. هن مطالبو ڪيو ته فوري طور ڪئمپن ۾ رهيل متاثرن کي زندگي جون بنيادي سهولتون ڏنيون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button