پاڪستانسنڌ

ڌاٻيجي ۾ نجي فيڪٽري جي انتظاميا پورهيتن کي ڪڍي ڇڏيو، احتجاج

ڌاٻيجي: ڌاٻيجي مل ايريا ۾ قائم نجي فيڪٽري جي انتظاميا مقامي سنڌي پورهيتن کي برطرف ڪري ڇڏيو، فيڪٽري ۾ ڪم ڪندڙ شفٽ انچارچ جابر هوت خان پتافي، سلمان، اڪرم، منير ۽ ٻين ٻڌايو ته گذريل 20 ورهين کان ڌاٻيجي مل ايريا ۾ قائم نجي فيڪٽري انور ٽيڪسٽائل مل ۾ پورهيو ڪيون پيا، جتي نئين انتظاميا اچڻ شرط مقامي سنڌي پورهيتن کي برطرف ڪري ٻين صوبن جا ماڻھو گهرائي ڀرتي ڪري رهي آھي.

هنن وڌيڪ ٻڌايو ته نه فيڪٽري جي ايڊمن ملڪ پنجابي مقامي پورهيتن کان نجي جيل جيان سلوڪ ڪري پورهيو ڪرائي ٿو، جيڪو به پورهيت ان خلاف ڳالهائي ٿو ان لا گيٽ بند ڪري مل مان ٻاهر ڪڍيو وڃي ٿو، ليبر لا جي مڪمل طور تي لتاڙ ڪري مقامي پورهيتن کان 12 ڪلاڪ پورهيو ڪرائي 500 روپيا ڏهاڙي ڏني ٿي وڃي، هنن ليبر ڊائريڪٽر حيدر آباد ۽ صعنت جي وزير کان اپيل ڪندي چيو ته فوري طور تي نوٽيس وٺي بيروزگار ٿيل پورهيتن کي بحال ڪرائي. بنيادي سهولتون ڏنيون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button