پاڪستان

ٻوڏ پاڪستان ۾ وڏي تباهي آندي، دنيا کي مدد لاءِ اڳتي اچڻو پوندو: وزيراعظم

سمرقند: وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ڪنهن به ٻوڏ ۾ ايتري تباهي ناهي آئي جيتري پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ جي نتيجي ۾ آئي آهي، موسمياتي تبديلين جي اثرن جي قيمت پاڪستان ٻوڏ سبب تباهڪارين جي صورت ۾ ادا ڪئي آهي، ڇا هيءَ آفت ۽ تباهي پاڪستان لاءِ آخري هوندي يا ٻين ملڪن کي به اهڙي صورتحال کي منهن ڏيڻو پوندو. شنگهائي سهڪار تنظيم جي سربراهي اجلاس ۾ خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته افغانستان ۾ امن جي ضرورت آهي، اتي امن ٿيندو ته خطي تي پڻ هاڪاري اثر پوندا. سندس چوڻ هو ته افغانستان کي نظرانداز ڪرڻ تمام وڏي غلطي هوندي، عالمي برداري افغانستان ۾ اقتصادي ۽ معاشي استحڪام لاءِ ڪم ڪري. هن چيو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سمورن ملڪن کي گڏجي ڪوشش ڪرڻي پوندي، افغان حڪومت به عوام جي بنيادي حقن جو احترام ڪري. ملڪ ۾ ٻوڏ جي تباهي تي ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ وڏي پئماني تي تباهي مچائي آهي، ملڪ ۾ ٻوڏ سبب 4 سئو ٻارن سميت 14 سئو انسان اجل جو شڪار بڻيا ۽ وڏي پئماني تي انفراسٽرڪچر ۽ فصلن کي پڻ نقصان رسيو. سندس چوڻ هو ته هن ڏکئي وقت ۾ دنيا کي اسان جي مدد لاءِ اڳتي اچڻو پوندو. وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ هو ته پاڪستان شنگهائي سهڪار تنظيم جي سمورن ميمبر ملڪن سان گڏ دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خاتمي لاءِ ڪم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. شهباز شريف چيو ته ٻوڏ ۽ برساتن جو پاڻي هر هنڌ موجود آهي جنهن سبب مليريا، ڊينگي ۽ ٻيون بيماريون پکڙجي رهيون آهن. شهباز شريف پنهنجي خطاب ۾ چيو ته موسمياتي تبديلي جي اثرن جي سزا پاڪستان ڀوڳي رهيو آهي، اسان کي موسمياتي تبديلين جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ اثرائتا قدم کڻڻا پوندا. هن چيو ته شهنگائي سهڪار تنظيم اجلاس علائقائي مسئلن جي حل لاءِ بهترين فرم آهي، تنظيم ۾ نون ملڪن کي شامل ٿيڻ تي واڌايون پيش ڪريان ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button