پاڪستانسنڌ

ڀٽ شاھه ۾ ضلعي انتظاميه ۽ پبلڪ ھيلٿ کاتي جي نااھلي سبب گندگي

ڀٽ شاھه: ڀٽ شاھه ۾ ضلعي انتظاميه ۽ پبلڪ ھيلٿ کاتي جي نااھلي سبب گٽر نالا ابتا وھڻ لڳا ۽ گھرن مان برساتي پاڻي به نيڪال نه ٿي سگھيو. شھري سخت تڪليفن سبب سراپا احتجاج بڻيل آھن، شھر جي مک دنبورا چوڪ، ٽنڊو آدم روڊ، ڪراڙ ڍنڍ، پير محلي، پراڻو ملاکڙا گرائٔونڊ، ھنرمند ڪالوني، لطيف ڪالوني ۽ ٻين ھنڌن تي گندو پاڻي ڪاھي پيو آھي. مسجدن، امام بارگاھن ۽ گھرن آڏو گندي پاڻي جا تلا بيٺل آھن، اڪثر گٽر نالا ابتا وھي رھيا آھن، شھرين ڊاڪٽر اياز علي چنڊ، رستم علي چوھاڻ، سريش ڪمار، جاويد بوزدار، حيدر علي ڀٽي، محمد يونس سومرو، شير علي مگسي، ظفر اللھ بليدي ۽ ٻين جو چوڻ آھي ته انتظاميه نالي ڪا شي ڏسڻ ۾ نٿي اچي، گذريل ڪيترن ئي ڏينھن کان لطيف جي شھر جي حالت تمام خراب آھي، چونڊيل نمائٔندا ۽ عملدار غائٔب آھن، ٽائٔون ۽ پبلڪ ھيلٿ کاتو ھڪٻئي مٿان نااھلي جا الزام ھڻڻ ۾ پورا آھن، برساتي پاڻي به گھرن ۾ موجود آھي، اھو به نيڪال ٿي نه سگھيو آھي. سياسي اڳواڻ فوٽو سيشن ۾ پورا آھن. هنن مطالبو ڪيو ته شاھه لطيف جي نگري ڀٽ شاھه سان ٿيندڙ زيادتين جو سنڌ حڪومت فوري طور تي نوٽيس وٺي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button