پاڪستانسنڌ

ٽنڊو محمد خان جي سڄاڻ ڌرين طرفان وڏي وزير جو دورو سياسي قرار

ٽنڊو محمد خان: ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جيئي سنڌ محاذ جي زاهد جسڪاڻي، ايس ٽي پي جي محمد جمن ملاح، جسقم جي جاويد هاليپوٽو ۽ ٻين چيو آهي ته سنڌ جي وڏي وزير کي سياسي دورو ڪرڻو هو، جيڪو هن ڪيو. هن دوري سان برسات متاثرن کي ڪوبه ريليف نه هو، هتان جا اڄ به برسات ۽ ٻوڏ متاثر دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، هتي جيڪي اين جي او ڪم ڪن ٿيون ته هتان جي انتظاميه کين روڪي رهي آهي. جيڪا برسات متاثرن سان سراسر ناانصافي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته ضلعي جي سڀني برسات متاثرن جي هر ممڪين مدد ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ ضلعي انتظاميه ۽ چونڊيل نمائندن خلاف احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button