پاڪستانسنڌ

سنڌ ۾ حڪومت نالي ڪابه شي نظر نٿي اچي: اياز لطيف پليجو

حيدرآباد: قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجي چيو آهي ته رليف ڪئمپن ۾ ترسيل برسات ۽ ٻوڏ متاثر ڊائريا، مليريا ۽ چمڙي جي بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، سنڌ حڪومت خاموش تماشائي بڻيل آهي، سنڌ ۾ حڪومت نالي ڪابه شي نظر نٿي اچي، يادگيري جڏھن ويسر کي شڪست ڏيندي ته سنڌ تبديل ٿيندي. ھنن ظلمن کي ياد رکي، ذلتن جو حساب وٺندو ته انقلاب ايندو. سنڌ ھڪ ڏينھن نيٺ وري اٿي بيھندي ۽ حڪمرانن کان سمورا حساب وٺندي، ماحولياتي تبديلين ڪري ايندڙ چار پنج سال تيز برساتون پونديون. بکن ۽ بيمارين کان بچڻ لا گھر جا اڌ ڀاتي ڪراچي موڪليو. اياز لطيف پليجي چيو ته ڪٿي آھي سنڌ اسيمبلي، ڪٿي آھن وزير، ايم پي ايز، ايم اين ايز، چيئرمين ۽ سينيٽرز؟

انھن کان سندن زالون، اولاد، ڀينرون، مائيٽ ۽ دوست پڇن نٿا ته ھي سنڌ سان ڪھڙو حشر پيا ڪيو؟ ڪوبه غيرت مند آس پاس موجود ناھي ڇا؟ سنڌ حڪومت جي نااهلي سبب سنڌ ٻڏي آهي. روڊن جي ٻنهي پاسن کان ويٺل لکين ٻوڏ متاثرين عذاب واري زندگي گذاري رهيا آهن، ٻوڏ متاثرين ماڻھن وٽ خوراڪ ناهي، مڇرن ۽ ٻين بيمارين جي ماڻھو مري رهيا آهن، ماڻهن جي ڪابه واھر نٿي ڪئي وڃي، سنڌ حڪومت ڊراما ڪري رھي آھي، وفاقي حڪومت به گم آهي. هن چيو ته جيئن ڪوڙا ڀوپا ۽ عامل جن ڪڍندا آھن تيئن قوم جي ڀٽڪيل ماڻھن مان ڪا غيبات ڪڍجي، نه ته ڪرپٽ ۽ ظالم حڪمرانن ھٿان تباھه ۽ برباد ٿي وينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button