ڄامشورو: سنڌي ادبي سنگت شاخ سنڌ يونيورسٽي جي دستوري گڏجاڻي زير صدارت نامور فنڪار منظور چانڊيو جي ٿي. سنڌي ادبي سنگت جي دستوري گڏجاڻي ۾ سنڌ جي مشهور مرحوم شاعر امداد حسيني جي ياد ۾ ٻن منٽن جي خاموشي اختيار ڪئي وئي. جڏهن هـ ان موقعي تي گڏيل ٺھرا پاس ڪيو ويو ته سنڌ ۾ پيل تباهه ڪن بارشن جو ازالو ڪيو وڃي، ڌرتي ڌڻين جي ميسارجي ويل گهرن جي جا تي ٽن ڪمرن جو گهر ٺھرائي ڏنو وڃي، زمين جي کيڙڻ واسطي مفت ٻج فراھم ڪيو وڃي ۽ جنهن جو به مال چاھي ٻاڪرو يا مينھن ٻڏي مري چڪو آهي، انهن کي گھٽ ۾ گهٽ 3 لک روپيا بنا وياج جي قرض ڏنو وڃي. گڏجاڻي ۾ شريڪ ٿيندڙن ان ٺھرا جي حمايت ڪئي. گڏجاڻي ۾ اسرار اسلم، ڊاڪٽر شير کوسو، شڪيل جروار، فھيم نوناري، بابو سومرو، ڊاڪٽر مبارڪ لاشاري، يوسف جويو، حسين سارنگ، ڊاڪٽر سلطان وارث، زاھد مرتضى، ولي ڏاھري، ڄام وقار انڙ، نثار لاکير ۽ قدير جروار شرڪت ڪئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close