پاڪستانسنڌ

“سنڌ ايڪسپريس” حيدرآباد جي رپورٽر راشد لغاري جو وڏو ڀا لاڏاڻو ڪري ويو

حيدرآباد: روزاني “سنڌ ايڪسپريس” حيدرآباد جي رپورٽر راشد لغاري جو وڏو ڀا ڌڻي بخش لغاري لاڏاڻو ڪري ويو، اڄ تدفين ڪئي ويندي. خبر موجب سنڌ ايڪسپريس حيدرآباد جي رپورٽر راشد لغاري جو وڏو ڀا 52 سالا ڌڻي بخش لغاري ڪينسر جهڙي موذي مرض سان جهيڙي رهيو هيو، جيڪو گذريل 2 مهينن کان ضيا الدين اسپتال ۾ علاج هيٺ هيو، پر سندس طبيعت ۾ سڌارو نه اچي سگهيو هيو ۽ ڪالهه هو لاڏاڻو ڪري ويو، جنهن جو مڙهه وارث ڳوٺ امير بخش لغاري کڻائي ويا آهن ۽ سندس تدفين اڄ گلاب لغاري جي اگهم ڪوٽ قبرستان ۾ ڪئي ويندي.

مرحوم پونئيرن ۾ 2 بيواهون 3 پٽ، نياڻيون سوڳوار ڇڏيون آهن. مرحوم او جي ڊي سي ايل ڪنر آئل فيلڊ ۾ ملازم هيو، جنهن جي سخاوت توڙي يار ويسي جا چرچا دوستن توڙي مٽ مائٽن ۾ عام آهن. روزاني سنڌ ايڪسپريس جو سمورو سٿ راشد لغاري سان سندس وڏي ڀا جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ تعزيت جو اظهار ڪري ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button