پاڪستانسنڌ

زيرو پوائنٽ وٽان ڪٽ لڳائڻ تان هزارين ماڻهو آمهون سامهون، حامين ۽ مخالفن جا ڌرڻا

ڪلوئي/نئون ڪوٽ/ شادي لارج: ڪلوئي لڳ زيرو پوائنٽ وٽان ڪٽ لڳائڻ وارو معاملو تڪراري بڻجي ويو. هزارين ماڻهن ڪٽ هڻڻ جي حمايت ۽ مخالفت ۾ ڌرڻا هنيا. هڪڙو ڌرڻو شادي لارج بائي پاس تي هنيو ويو، جنهن ۾ جهڏي، ڊگهڙي، ٽنڊو جان محمد، ملڪاڻي شريف ۽ پنگرئي کان آيل ماڻهو شامل ٿيا. ٻيو ڌرڻو ان ڌرڻي کان اڌ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي نيوي موڙ وٽ لڳل هنيو ويو. ان سلسلي ۾ ڪلوئي لڳ زيرو پوائنٽ وٽ سم نالي کي ڪٽ ڏئي سمنڊ ۾ پاڻي ڇوڙ ڪرڻ واري معاملي تان بدين ۽ ٿرپارڪر ضلعن جي رهواسين ۾ تڪرار وڌي ويو آهي. گذريل ڏينهن ڪلوئي سميت مختلف علائقن مان سوين ماڻهو زوري زيرو پوائنٽ وٽان امڪاني ڪٽ جو ٻڌي نيوي موڙ تي گڏ ٿي پرامن احتجاج ڪندا رهيا، جتي هڪ هزار کان وڌيڪ ماڻهن ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري نعريبازي ڪئي، جنهن جي اڳواڻي لالا اياز پٺاڻ، زاهد ڀرڳڙي ۽ سليم جوڻيجو ڪئي، ڌرڻي ۾ ڀٽارو، ڪلوئي، ونگو موڙ، بلوچ آباد، مير جي ڪيٽي ۽ ٻين علائقن جا ماڻهو شامل آهن. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته اسان ڪنهن به صورت ۾ ڪٽ ڏيڻ نه ڏينداسين، ڪٽ ڏيڻ سان ڪلوئي سميت ڀرپاسي جا ننڍا وڏا شهر ۽ سوين ڳوٺ ٻڏي ويندا. ٻئي پاسي ڪلوئي واسين جي ڌرڻي کان اڌ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي شادي لارج بائي پاس تي ڪٽ ڏيارڻ لا هزارين ماڻهو روڊن تي نڪري آيا، جن ممتاز کوسو، اياز کوسو، نور زنگيجو ۽ نديم گجر جي اڳواڻي ۾ صبح 11 وڳي کان مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، احتجاج ۾ جهڏي، ڊگهڙي، ملڪاڻي شريف، پنگريو، شادي لارج ۽ ٻين علائقن مان اڍائي کان 3 هزار ماڻهن شرڪت ڪئي. هنن چيو ته اسان جا ٻار روڊن تي اچي ويا آھن، پر چونڊيل نمائندا پنھنجون زمينون بچائي رھيا آھن ۽ اسان ٻڏي رھيا آھيون، زيرو پوائنٽ کان ڪٽ نه ڏيڻ تائين اسان جو احتجاج جاري ھوندو. جڏھن ته ٻنھي ڌرين جي ماڻھن سان ڊي سي بدين آغا شاھنواز خان، ايس ايس پي بدين شاھنواز چاچڙ ڳالھيون ڪيون، پر مظاهرين ٻنهي کي ڳالهين کان جواب ڏئي ڇڏيو. هوڏانهن ٿرڪول روڊ 12 ڪلاڪن کان بلاڪ هجڻ سبب هزارين گاڏيون بيهجي ويون. ٻئي طرف احتجاج دوران مختلف ضلعن جي پوليس جي وڏي نفري 10 کان وڌيڪ موبائيلن سان گڏ بيٺل رهي ۽ ڪيتريون ايمبولينسون پڻ موجود آهن. سوين مسافر پريشان آهن. احتجاج دوران ڊي سي ٿرپارڪر عبدالحفيظ سيال، ايس ايس پي ٿرپارڪر سردار حسن نيازي، ڊي سي بدين ۽ ايس ايس پي بدين پڻ ٿر ڪول روڊ تي بيٺل رهيا. هوڏانهن نئون ڪوٽ شھر کي ٻڏڻ کان بچائڻ لا شهري، سول سوسائٽي جا نمائندا ۽ سماجي اڳواڻ هڪ ٿي ويا. جمعي جي نماز کانپو دڪاندارن ۽ واپارين شهر ۾ مڪمل شٽربند هڙتال ڪئي. شهرين، دڪاندارن، سول سوسائٽي جي نمائندن ۽ سماجي اڳواڻن ايم سي بي چوڪ کان 22 ميل موري تائين احتجاجي ريلي ڪڍي 22 ميل موري تي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ۽ انتظاميا خلاف نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي واپاري ايسوسيئيشن نئون ڪوٽٽ جي صدر آصف رضا قائمخاني، پ پ سٽي صدر ڪائونسلر نور محمد منڌرو، ڪائونسلر اميد علي راھمون، ڪائونسلر عظيم چانڊيو، رضا کوسو ۽ ٻين چيو ته شھر جي چوڌاري برساتي پاڻي ۽ ڍوري جو پاڻي سمنڊ جو ڏيک ڏئي رھيو آهي، شھر جا علائقا سنتورو فارم، مير وقار ڪالوني، ميگھواڙ پاڙو، کوسـا پاڙو ۽ ڪنڀار پاڙو اڳ ئي ٻڏي چڪا آهن، رھيل شھر به ٻڏڻ جو خطرو اڻٽر آهي، پر ڍوري جا نيڪال بند آھن، جلد ڍوري ۽ ايل بي او ڊي سم نالي کي کي زيرو پوائنٽ کان ڪٽ ڏئي شھر کي ٻڏڻ کان بچايو وڃي. جڏهن ته پنگريو ۾ پاڻيءَ جا فطري لنگهه بند ڪرڻ خلاف ڪاروباري مرڪز ۽ دڪان بند رکيا ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button