پاڪستانسنڌ

نوشهروفيروز ضلعي ۾ مليريا سبب 4 ٻارن سميت 11 ڄڻا فوت

نوشهروفيروز: نوشهروفيروز ضلعي ۾ محرابپور، ڪنڊيارو، ڀرياسٽي، مورو ۽ نوشهروفيروز جي سوين ننڍن وڏن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ مليريا ڦهلجي وئي، جنهن سبب ٻارڙي ڪونج خاصخيلي، شهربانو سولنگي، پرهه ڳوراهو، نويد مستوئي، ڳوٺ خدابخش شاهه جو رهواسي 65 سالن جو فقير احمد علي ڪلهوڙو، پڊعيدن جي ڳوٺ کوهي جلال جو رهواسي 42 سالن جو محمد اسلم، نوان جتوئي ڀرسان ڳوٺ آچر خاصخيلي جو رهواسي 35 سالن جو محمود خاصخيلي، لاکاروڊ ڀرسان ڳوٺ هوت خان لاکو جو 22 سالن جو رهواسي ممتاز علي ڏاهري، خانواهڻ ڀرسان ڳوٺ دهات جو رهواسي 50 سال جو محمد قاسم قريشي، مورو ڀرسان ڳوٺ لغاري بجاري جو 60 سالن جو وزير لغاري، ٺارو شاهه ڀرسان درٻيلو جو رهواسي 33 سالن جو قاضي واجد مليريا بخار جي ڪري فوت ٿي ويا آهن. جڏهن ته اسپتالن ۾ دوائون به اڻلڀ ٿي ويون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button