پاڪستانسنڌ

خانپورمهر ڀرسان ڌار ڌار واقعن ۾ ننڍن ڀائرن هٿان 2 وڏا ڀائر قتل

خانپورمهر: خانپورمهر ڀرسان ٻن ڌار ڌار واقعن ۾ ننڍن ڀائرن هٿان 2 وڏا ڀائر قتل، جوابدار فرار تفصيل موجب خانپور مهر ٿاڻي جي حد ڳوٺ ماڪن ڪوري ۾ جوابدار ممتاز لاشاري وڏي ڀاءُ اعجاز لاشاري کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، جنهن کان پو پاڙيوارن دروازو ٽوڙي مقتول جو لاش ڪمري مان ٻاهر ڪڍيو، جنهن بعد مقتول جو لاش شيخ همدان بن محمد اسپتال آندو ويو، جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. پوليس موجب واقعو زمين جي ورهاست تان پيش آيو آهي، شروعاتي رپورٽ داخل ڪئي آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. ٻي طرف ڳوٺ عطر گبول ۾ ننڍي ڀاءُ گلزار گبول معمولي ڳالھه تان بندوق جا فائر ڪري پنهنجي وڏي ڀاءُ شوڪت گبول کي قتل ڪري ڇڏيو. ٻڌايو پيو وڃي ته ٻنهي ڀائرن ۾ معمولي ڳالهھ تان منهن ماري ٿي هئي، جنهن بعد جوابدار ڀاءُ بندوق جا فائر ڪري وڏي ڀاءُ کي گوليون هڻي فرار ٿي ويو. مقتول جو مڙھه خانپورمهر جي اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. پوليس موجب مقتول گاہه چارڻ دوران مينهن کي لٺيون هنيون ته جوابدار ڀا بندوق جا فائر ڪري پنهنجي وڏي ڀاءُ قتل ڪري فرار ٿي ويو آهي. آخري اطلاعن تائين ٻنهي واقعن جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button