پاڪستانسنڌ

ٻوڏ متاثرن لا آيل ملڪي ۽ پرڏيهي امداد جا انگ اکر جاري ڪريو: سنڌياڻي تحريڪ

حيدرآباد: سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر سڀاني ڏاهري ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب ۾ عمرا سمون، سنڌو ملاح، ساجده پرهياڙ ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي حڪومت کان گهر ڪئي آهي ته ٻوڏ متاثر ڌرتي ڌڻين لاءِ جاري ملڪي ۽ غيرملڪي امداد جا انگ اکر جاري ڪري متاثرين جي بحالي جو ڪم شروع ڪيو وڃي. هن چيو ته حڪمرانن سنڌ کي اسرائيل ٺاهي ڇڏيو آهي، جتي ڌرتي ڌڻي مصيبت واري گهڙي ۾ مشڪلاتن جو شڪار بڻيل آهن.

هن چيو ته غيرجمهوري حڪمرانن ۽ ملڪ جي ڪرتا ڌرتن رليف جي نالي تي سنڌ جي عوام جي تذليل ڪئي آهي، امداد جي نالي تي متاثرين کي پاڻ وڙهايو پيو وڃي، ڪئمپن اندر بيمار متاثرن جي علاج جون سهولتون توڙي بهتر خوراڪ نالي جي ڪابه شئي موجود نه آهي. ڪئمپن اندر بااثر ماڻهن جا ڇاڙتا متاثرين جي عورتن سان جنسي حراسمينٽ ڪري رهيا آهن. هنن چيو ته ٻوڏ متاثر بي يارو مددگار ۽ دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button